آغا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آغا ترڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي آقا يا سائين، ڌڻي، مالڪ، سردار يا وڏو ڀاءُ . عام طور آغا وڏي ڀاءُ لاءِ ڪتب ايندو آهي. ھي لفظ لقب طور بہ ڪم ايندو آهي. سنڌ جون ڪي پٺاڻ ذاتيون پڻ آغا سڏائينديون آهن. ڪيتريون نامور شخصيتون آغا جي نالي سان مشهھور آهن، جهڙوڪ: آغا تاج محمد، آغا بدرالدين دراني، آغا سليم، آغا سراج دراني وغيره. حيدرآباد، سنڌ جي ٽنڊن مان هڪ کي ”ٽنڊو آغا“ سڏيندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]