آصف قاضي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

صحافي، ڪالم نگار ۽ پبلشر، قاضي آصف جو پورو نالو آصف علي ولد رجب علي جوڻيجو آهي. هن 04 جنوري 1965ع تي ڳوٺ کاهي مينهين، تعلقي قنبر ۾ جنم ورتو.[1]

تعليم[سنواريو]

قاضي آصف پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان ورتي ۽ مئٽرڪ 1980ع ۾ هاءِ اسڪول ڏوڪري مان ڪيائين، هن انٽر 1982ع ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪرڻ کان پوءِ بي. اي 1984ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۽ ايم . اي سياسيات ۾ شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي.[1]

خدمتون[سنواريو]

قاضي آصف 1983ع ۾ سنڌ رورل ڪو آپريٽو آرگنائيزيشن ۾ ضلعي سطح تي ڪم ڪيو. 1984ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪيترن ئي پروگرامن جو ميزبان رهيو. 1984ع ۾ هن ٽرٿ ايڪسپينڊيئرس فورم ڏوڪري ۽ ڏاهپ پبليڪيشن ڏوڪريءَ جو بنياد وڌو ۽ مختلف ڪتاب ڇپرايائين. قاضي آصف بوسٽن يونيورسٽي آمريڪا طرفان ”سنڌ جي زرعي جوڙ جڪ“ تي تحقيقي ڪم ۾ حصو ورتو. 1988ع ۾ ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين، جتي هن 1989ع ۾ صحافت جي ميدان ۾ پير پاتو ۽ اردو اخبار ”جنگ“ ڪراچيءَ جو نمائندو مقرر ٿيو، جتي چار سال ڪم ڪيائين، جنهن دوران 1992ع ۾ ”جنگ“ مئگزين جي ”انٽرويو پينل“ ۾ به شامل رهيو. جنهن اڳوڻي ڀارتي وزير اعظم وي. پي سنگهه، اڳوڻي بنگلاديشي وزير اعظم شيخ حسينا واجد، اڳوڻي نيپالي وزير اعظم من موهن اڌيڪاريءَ ۽ اڳوڻي وزير اعظم شهيد بينظير ڀٽو سميت ٻين نامور شخصيتن جا انٽرويو ڪيا. 1992ع ۾ قاضي آصف پي. ٽي. وي ڪراچيءَ جا ڪيترائي ڊاڪيومينٽري پروگرام به ٺاهيا. جڏهن ته هن سماج سڌارڪ تحريڪ ۽ پاڪستان فشر فوڪ فورم ڪراچيءَ ۾ به ڪم ڪيو. هن ”جنگ“ اخبار بعد ”ڊان“ گروپ ڪراچيءَ جي روزاني ”اسٽار“ ۾ اسٽاف رپورٽر طور ڪم ڪيو. 1995ع ۾ ”فرنٽيئر پوسٽ“ جي بيورو چيف طور لاڙڪاڻي ۾ ڪم ڪيائين، جنهن بعد 1996ع کان وٺي 1999ع تائين روزاني ”عوامي آواز“ جو اسٽاف رپورٽر ۽ 1999ع کان 2002ع تائين روزنامه ”ايڪسپريس“ ڪراچيءَ جو اسٽاف رپورٽر رهيو ۽ هن وقت ”پاڪستان ٽو ڊي“ جو اسٽاف رپورٽر آهي. قاضي آصف سنڌيءَ کانسواءِ اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيترائي ڪالم لکيا آهن. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”اڄ جي سنڌ“ (ترتيب - 1984ع) ”ٻارڙن جون ڪهاڻيون“ (1987ع) ۽ ”ڀٽو ڦر مارا گيا“ (اردو: ترتيب - 1996ع ) قابل ذڪر آھن.[1]

حوالا[سنواريو]