آساڪوسا مسجد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آساڪوسا مسجد
(دار ارقم مسجد)
浅草モスク

آساڪوسا مسجد
آساڪوسا مسجد is located in Tokyo
آساڪوسا مسجد
Shown within Tokyo
بنيادي ڄاڻ
جاءِ ٽيٽو۔ڪو، 12۔9۔1 ھگاشي، ٽوڪيو، 0025-111، آساڪوسا، جاپان [1]
مقانيت 35°43′18″N 139°48′05″E / 35.721764°N 139.801487°E / 35.721764; 139.801487مڪانيت: 35°43′18″N 139°48′05″E / 35.721764°N 139.801487°E / 35.721764; 139.801487
وابستگي اسلام
ضلعو ھگاشي
صوبو ٽوڪيو
ملڪ جاپان
اتنظاميا جاپان مسجد فاونڈیشن
موجوده حالت فعال
مالڪي جاپان مسجد فاونڈیشن
گورننگ باڊي جاپان مسجد فاونڈیشن
تفصيل تعميرات
قسم اڏاوت مسجد
باني اسلامڪ سرڪل آف جاپان
مڪمل سال 1998ع
خصوصيتون
گنجائش 80 نمازین
قبو 1

آساڪوسا مسجد (Asakusa Mosque؛ جاپاني: 浅草モスク)، اصل نالو دار ارقم مسجد (جاپاني: ダ ル・アル・アルカム・マスジ)، جاپان جي شھر ٽوڪيو جي مضافاتي علایقي جي ھڪ مسجد آھي. ھي مسجد سال 1998ع مان تعمیر تئي. ھي "جاپان مسجد فاونڈیشن" جیڪا "اسلامڪ سرڪل آف جاپان" جو ھڪ ذیلي ادارو آھي، جي انتظام ماتحت آھي.[2]

خدمتون[سنواريو]

مرڪز هن وقت هيٺيون بنيادي خدمتون مهيا ڪري ٿو:[3]

1. پنج وقتي روزاني نماز ۽ هفتيوار جمعي جي نماز

2. اسلامي شادي جون تقريبون (بشمول سرٽيفڪيٽ)

3. اسلامي لائبريري

4. شهادہ (جنهن ۾ سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ شامل آهن)

5. جنازي جون خدمتون

6. مرڪز تي مختلف اسلامي موضوعن بابت ڪلاس

7. اسلامي معلومات جي ورڇ

جڳھ[سنواريو]

دار الارقم مسجد ٽوڪيو اسڪائي ٽري کان پنڌ جي مفاصلي تي (2 ڪلوميٽر کان به گهٽ) تي واقع آهي. تنهن ڪري، ٽوڪيو اسڪائي ٽري ايريا جي چوڌاري، سياح نماز لاءِ مسجد ۾ اچي سگهن ٿا. ان کان علاوه، هي مسجد سميدا پارڪ کان صرف 500 ميٽر جي فاصلي تي آهي. هيءَ مسجد، سينٽرل ٽوڪيو ۾ واقع آهي، جيڪا 15 منٽن کان به گهٽ پنڌ ۾ مينامي سينجو ميٽرو اسٽيشن ذريعي هِبيا لائين، جي آر ايسٽ: جوبن لائين ۽ سوڪوبا لائين ذريعي يا گِنزا لائين، ٽوئي آساڪوسا لائين ۽ ٽوبو اسڪائيٽري کان اساڪوسا ميٽرو اسٽيشن ذريعي پهچي سگهجي ٿي. بس مسافر امامو بس اسٽيشن (1 منٽ پنڌ) یا ھگاشي آساڪوسا بس اسٽيشن (1 منٽ پنڌ) ذريعي مسجد ۾ اچي سگهن ٿا.

حوالا[سنواريو]