مواد ڏانھن هلو

آساڪوسا مسجد

آساڪوسا مسجد
(دار ارقم مسجد)
浅草モスク
آساڪوسا مسجد
آساڪوسا مسجد is located in Tokyo
آساڪوسا مسجد
Tokyo ۾ ڏيکاريل
بنيادي ڄاڻ
جاءِٽيٽو۔ڪو، 12۔9۔1 ھگاشي، ٽوڪيو، 0025-111، آساڪوسا، جاپان [1]
مقانيت35°43′18″N 139°48′05″E / 35.721764°N 139.801487°E / 35.721764; 139.801487
مذهبي لاڳاپواسلام
ضلعوھگاشي
صوبوٽوڪيو
ملڪجاپان
انتظامياجاپان مسجد فاونڈیشن
فعالي حيثيتفعال
مالڪيجاپان مسجد فاونڈیشن
انتظامي اداروجاپان مسجد فاونڈیشن
تعميري ڄاڻ
اڏاوت جو قسممسجد
مالي مدد ڪندڙاسلامڪ سرڪل آف جاپان
مڪمل ٿيو1998ع
خصوصيتون
گنجائش80 نمازین
قبا1

آساڪوسا مسجد (Asakusa Mosque؛ جاپاني: 浅草モスク)، اصل نالو دار ارقم مسجد (جاپاني: ダ ル・アル・アルカム・マスジ)، جاپان جي شھر ٽوڪيو جي مضافاتي علایقي جي ھڪ مسجد آھي. ھي مسجد سال 1998ع مان تعمیر تئي. ھي "جاپان مسجد فاونڈیشن" جیڪا "اسلامڪ سرڪل آف جاپان" جو ھڪ ذیلي ادارو آھي، جي انتظام ماتحت آھي.[2]

خدمتون

[سنواريو]

مرڪز هن وقت هيٺيون بنيادي خدمتون مهيا ڪري ٿو:[3]

1. پنج وقتي روزاني نماز ۽ هفتيوار جمعي جي نماز

2. اسلامي شادي جون تقريبون (بشمول سرٽيفڪيٽ)

3. اسلامي لائبريري

4. شهادہ (جنهن ۾ سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ شامل آهن)

5. جنازي جون خدمتون

6. مرڪز تي مختلف اسلامي موضوعن بابت ڪلاس

7. اسلامي معلومات جي ورڇ

دار الارقم مسجد ٽوڪيو اسڪائي ٽري کان پنڌ جي مفاصلي تي (2 ڪلوميٽر کان به گهٽ) تي واقع آهي. تنهن ڪري، ٽوڪيو اسڪائي ٽري ايريا جي چوڌاري، سياح نماز لاءِ مسجد ۾ اچي سگهن ٿا. ان کان علاوه، هي مسجد سميدا پارڪ کان صرف 500 ميٽر جي فاصلي تي آهي. هيءَ مسجد، سينٽرل ٽوڪيو ۾ واقع آهي، جيڪا 15 منٽن کان به گهٽ پنڌ ۾ مينامي سينجو ميٽرو اسٽيشن ذريعي هِبيا لائين، جي آر ايسٽ: جوبن لائين ۽ سوڪوبا لائين ذريعي يا گِنزا لائين، ٽوئي آساڪوسا لائين ۽ ٽوبو اسڪائيٽري کان اساڪوسا ميٽرو اسٽيشن ذريعي پهچي سگهجي ٿي. بس مسافر امامو بس اسٽيشن (1 منٽ پنڌ) یا ھگاشي آساڪوسا بس اسٽيشن (1 منٽ پنڌ) ذريعي مسجد ۾ اچي سگهن ٿا.

حوالا

[سنواريو]
  1. "ダール・アル・アルカム・マスジド(浅草マスジド)Darul Arqam Masjid(Asakusa Masjid)の情報/清水霊園 イスラーム墓地".
  2. "Masjid Dar el Arqam Asakusa - About the Masjid".