آديسي اٿي ويا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


نامور اديب ڊاڪٽر نواز علي شوق جي تصنيف ٿيل هن ڪتاب ۾ سنڌ جي انهن مشهور شاعرن زندگي جو ذڪر ۽ سندن ڪلام جون خوبيون ۽ خاميون بيان ڪيل آهن، جيڪي اڪثر غزل جا شاعر آهن ۽ پنهنجي دؤر جا مشهور شاعر رهيا آهن. انهن ۾ محمد عاقل عاقلي، مولوي احمد ملاح، حافظ حيات شاهه، محمد صديق مسافر، لعل چند مجروح، ڪشنچند بيوس، حافظ عبدالله ’بسمل‘، آغا غلام نبي صوفي، حيدر بخش جتوئي، لطف الله بدوي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، خليفو محمد اختر هالائي- ۽ ٻيا شاعر شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب هي ڪتاب بشير حامد ناز، پريس مان ڇپرائي، ڪافي پبليڪيشن، C-71 اسٽاف ٽائون ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پڌرو ڪيو. 112 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت پنج روپيا آهي ۽ 1981ء ۾ شايع ٿيو.[1]