اديتي ڀاٽيا
اديتي ڀاٽيا | |
---|---|
سَرگَرمُ سالَ | سال 2006–کان هينئر تائين |
شھرت جو ڪارڻ | یہ هين محبتين |
اديتي ڀاٽيا (انگريزي ٻولي: Aditi Bhatia) ڀارتي اداڪارِ ۽ ماڊل آهي. اسٽار پلس جي سيريئل يہ هين محبتين ۾ اديتي روحي ڀلا جو ڪردار نڀائيندي هئي. وواهہ، شوٽ آئوٽ ايٽ لوکنڊوالا، سرگوشيان آپ ڪي، سندس اهم فلمون آهن. هن ڪيترن ئي سيرئيل پروگرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي، جن ۾ يہ هين محبتين، جيڪو ڏاڍو مشهور آهي. چانس پہ ڊانس ۾ اديتي مشهور باليووڊ اداڪار شاهد ڪپور سان گڏ ڪم ڪيو آهي، ۽ عمران خان جي فلم سرگوشيان ۾ فريدهہ جلال وغيرہ سان گڏ ڪم ڪيو اٿس.[1]
جنم ۽ تعليم
[سنواريو]اديتي ڀاٽيا 29 آڪٽوبر 1999 تي ڀارت جي مشهور شهر ممبئي، مهاراشٽرا م جنم ورتو هيو. اديتي جي ماءُ بينا ڀاٽيا ڪُرت جي لحاظ کان اُستادياڻي آهي.[2] [3] [4]۔ اديتي جي تعليم ٺاڪر پبلڪ اسڪول ۽ ٺاڪر ڪاليج آف سائنس اينڊ ڪامرس منجهان ٿيل آهي.[5] اديتي 2018 ۾ مهاراشٽرا اسٽيٽ بورڊ آف سيڪينڊري اينڊ هائر سيڪينڊري ايجوڪيشن منجهان ٻارنهين درجي جو امتحان سُٺن نمبرن سميت پاس ڪيو هيو.[6]
ڪيريئر
[سنواريو]اديتي ڀاٽيا 2006 ۾ ٻار اداڪار (چائلڊ اِيڪٽر) طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي، ۽ ڪُجهہ اشتهارن ۾ پڻ ڪم ڪرڻ کانپوءِ ڪيترن ئي فلمن ۾ پنهنجو ڪردار نڀايو آهي. وواهہ (انگريزي:Vivah)، شوٽ آئوٽ ايٽ لوکنڊوالا (انگريزي: Shootout at Lokhandwala)، دي ٽرين (انگريزي: The Train)، چانس پہ ڊانس (انگريزي: Chance Pe Dance) ۽ سرگوشيان (انگريزي: Sargoshiyan) نالي سان فلمن ۾ آديتي ڪم ڪيو آهي.[7] 2015 ۾ زي-ٽي جي تاشان عشق سيريئل ڀاٽيا ببلي تانيجا جو ڪردار نڀايو هيو. 2016 کان وٺِي 2019 تائين هن پاران اسٽار پلس جي ڊرامو يہ هين محبتين سيريئل ۾ روحي ڀلا جو ڪردار نڀايو هيو.ڀاٽيا ڪلرز ٽي وي جي سيريئل ڪاميڊي نائٽس بچاءٌ تازا (انگريزي: Comedy Nights Bachao Taaza) ۾ پڻ حصو ورتو هيو.[8] سال 2018 ۾ حقيقت تي ٻَڌل شو ڪاميڊي سرڪس (انگريزي: Comedy Circus) ۾ هن حصو ورتو هيو، ۽ سال ن2019 ۾ ڪلرز ٽي وي جي خطرہ خطرہ خطرہ ۾ پڻ نظر آئي هئي.[9]
فلمون
[سنواريو]آديتي ڀاٽيا جون نمايان فلمون هن ريت آهن:[1]
سال | فلم | ڪردار |
---|---|---|
2007 | شوٽ آئوٽ ايٽ لوکنڊوالا | اي اي خان جي نياڻي (ڌيءَ) |
دي ٽرين | نڪي | |
2010 | چانس پہ ڊانس | شنايا |
2017 | سرگوشيان | پايل |
ٽيلي ويزن
[سنواريو]اديتي ڀاٽيا جا ڪُجهہ ٽيلي ويزن پروگرام هيٺين ريت آهن:
سال | سيريئل | ڪردار | چينل |
---|---|---|---|
2004 | هوم سوئيٽ هوم | ڪرشما | زي سمي |
2015 | تاشان عشق | ببلي تانيجا | زي ٽي وي |
2016–2019 | يہ هين محبتتين | روحي ڀلا | اسٽار پلس |
2016 | 'ڪاميڊي نائٽس بچاءُ تازا | مخالف | ڪلرز ٽي وي |
2018 | ڪاميڊي سرڪس | سوني ٽي وي | |
2019 | خطرہ خطرہ خطرہ | ڀاتي (شريڪ) | ڪلرز ٽي وي |
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 "Movies of Aditi Bhatia". IMDB. حاصل ڪيل 9 March 2020.
- ↑ "Vivek Dahiya reunites with former co-star Aditi Bhatia on this TV show". India Today. حاصل ڪيل 9 March 2020.
- ↑ "Aditi Bhatia: Movies, Photos, Videos, News, Biography & Birthday | eTimes". timesofindia.indiatimes.com.
- ↑ "Aditi Bhatia's birthday celebration in Budapest was a cake feast you would love to be a part of!". http://www.bollywoodlife.com/news-gossip/aditi-bhatias-birthday-celebrations-in-budapest-was-a-cake-feast-you-would-love-to-be-a-part-of-view-pics/. Retrieved 1 June 2018.
- ↑ "Profile of Aditi Bhatia". Famous Birthdays. حاصل ڪيل 9 March 2020.
- ↑ "Ye Hai Mohabbatein actress Aditi Bhatia passes her 12th class exams, posts the results". Times of India. حاصل ڪيل 9 March 2020.
- ↑ "Did you know Aditi Bhatia featured in this movie as a kid?". The Times of India. https://m.timesofindia.com/tv/news/hindi/did-you-know-ruhi-aka-aditi-bhatia-of-ye-hai-mohabbatein-featured-in-this-movie/articleshow/57667783.cms.
- ↑ "Aditi Bhatia excited to show her comic skills in Comedy Circus". The Times of India. https://m.timesofindia.com/tv/news/hindi/yeh-hai-mohabatteins-aditi-bhatia-excited-to-show-her-comic-skills/articleshow/64748769.cms.
- ↑ "Yeh Hai Mohabbatein actress Aditi Bhatia to join Comedy Nights Bachao Taaza" (en ۾). India.com. http://www.india.com/showbiz/yeh-hai-mohabbatein-actress-aditi-bhatia-aka-ruhi-to-join-comedy-nights-bachao-season-2-1456889/.