آتڻ (اصطلاح)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

آتڻ[1] جي سلسلي سان هڪڙو مشهور اصطلاح آهي، ”ڪاپو ڪرڻ“، يعني اُها عورت جيڪا ڦٽين چونڊڻ کان وٺي ڪپڙي اُڻڻ تائين سڀ هنر ڄاڻي. اهڙيءَ سگهڙ عورت کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي رسالي جي سُر ڪاپائتيءَ ۾ ڳايو آهي ۽ کيس هوشياريءَ ۽ خبرداريءَ سان زندگي گذارڻ لاءِ هڪ مثالي ڪردار طور پيش ڪيو آهي.

سنڌ جي آڳاٽي وقت جي معاشري ۾ چار اَٺ عورتون گڏجي ويهنديون هيون ۽ پنهنجا چرخا رکي سُٽُ ڪتڻ سان گڏوگڏ هڪ ٻئي سان ڏک سک به اورينديون هيون ته لاڏا سهرا پڻ ڳائينديون هيون، مثلاً:

آءٌ ڪينءَ آتڻ وڃان، ڙي ڀينر،
جيڏيون منهنجو چرخو چيو نه ڪري!
اديون آتڻ واريون، آئين وڃو سڀ وري!

آتڻ جي رسم جا اصطلاح آڳاٽي دور کان اڄ تائين سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ نهايت معنوي انداز ۾ استعمال ٿيندا آيا آهن، جيئن ته آتڻ اُجڙ ٿيڻ (بربادي ٿيڻ، گهر اُجڙڻ)، آتڻ نه هئڻ. (افعال نه هئڻ، بي لڇڻ ٿيڻ.) وغيره .

حوالا[سنواريو]