آتم تلريجا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آتم تلريجا ليکڪ، اداڪار ۽ هدايتڪار. روهڙيءَ (سنڌ) ۾ 9 نومبر 1936ء تي جنم ورتو. مئٽرڪ تائين تعليم ورتائين. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت لڏي ويو ۽ دهليءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. هن 40 کان مٿي سنڌي، هندي ۽ پنجابي ناٽڪن جهڙوڪ: ’مومل راڻو‘، ’سنڌين سنڌ ڇڏي‘، ’اَمي يا ممي‘، ’زال ڪري تال‘، ’الٽي گنگا‘، (سنڌي) ’پاڳل‘، ’اُلجهن‘، ’سوهڻي مهيوال‘ (هندي) ’چڪر په چڪر‘ ۽ ’بيبي بڻي ولايتي‘ (پنجابي) وغيره ۾ اداڪاري ۽ هدايتڪاري ڪيل اٿس. ان کان سواءِ آل انڊيا ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ تان به گهڻائي ناٽڪ پيش ٿيل اٿس. ’ڪرائي ڪا مڪان‘، ’سنيوگ‘ ۽ ’خالي صاحب‘ هنديءَ سان گڏ ’بيبي بڻي ولايتي‘ (پنجابي) ۽ آل انڊيا سنڌي ناٽڪ چٽاڀيٽي 1978ء ۾ ’ڏوهي ڪير‘ ناٽڪن لاءِ بهترين اداڪاريءَ جو انعام حاصل ڪيائين. هن جو ديهانت 8 نومبر 2008ء تي 72 سالن جي عمر ۾ ٿيو.[1]

حوالا[سنواريو]