آتمارام لعلواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آتما رام پرمانند لعلواڻي (Aatmaa Raam Laalwanni) ايڪيهه اپريل 1924ع تي سکر (سنڌ) ۾ ڄائو. مئٽرڪ تائين تعليم پرايائين. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت لڏي ويو، جتي مڌيه پرديش پرڳڻي ۾، بيتول گنج ۾، رهائش اختيار ڪيائين. سکر مان هفتيوار ”پرجا سماچار“ ۽ ماهوار ”فلم سنگيت“ شايع ڪندو هو. اسٽيج ناٽڪن ”بدنصيب“، ”موهني“، ”ڳوڙهن جي برسات“ ۽ ”ڌنوانن جي دنيا“ ۾ اداڪاري ڪيائين.

سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن

  1. ڏيتي ليتيءَ جا ڏنڀ (1945ع)
  2. دل جا دکڙا (1972ع)
  3. زخمي انسانيت (1973ع)
  4. انتظار (1974ع)
  5. پلاسٽڪ جي پُتلي (1975ع)
  6. نم جي ڇانوَ ۾ (1979ع)

[1]

حوالا[سنواريو]