آبڙي ديھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ديھ آبڙي
Deh Aabri
فائل:.jpg
ضلعو حيدرآباد
تعلقو حيدرآباد
صوبو سنڌ
تپو ٽنڊو ڄام
سروي نمبر 1 کان 549
مشهور ڳوٺ ڳوٺ غلام حسين کٽياڻ، ڳوٺ حيدر شاه ۽ جتن جو ڳوٺ.
صوبائي تڪ PS-
قومي تڪ NA-
قيام 1961ع کان اڳ
لاڳاپيل ديهون ڍنڊ شاھ جي، ڪونر ديھ ، پساھڪي ، ھوتڪي ،ٽنڊوالھيار ضلعي جون ٻہ ديھون ريڇل ۽ گجو ، مٽياري تعلقي جي ديھ تاجپور


آبڙي:Aabri: پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي حيدرآباد جي تعلقي حيدرآباد جي تپي ٽنڊوڄام جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جتي ڳوٺ غلام حسين کٽياڻ، ڳوٺ حيدر شاه ، جتن جو ڳوٺ ۽ ٻيا ڳوٺ واقع آھن. ھتي جا ماڻھو سنڌي ڳالهائيندڙ آھن.1961 کان اڳ قائم ٿيندڙ ھن ديھ ۾ بورڊ آف روينيو جي رڪارڊ مطابق 1976 ۾ ھن ديھ ۾ 1 کان 549 روينيو سروي نمبر ھيا.ھن ديھ جا دنگ حيدرآباد ضلعي جي ديھن ڍنڍ شاھ جي، ڪونر ديھ، پساھڪي، ھوتڪي، ٽنڊوالهيار ضلعي جي ديھن ريڇل، گجو ۽ مٽياري تعلقي جي ديھ تاجپور سان ملن ٿا.[1] ھن ديھ مان روھڙي ڪئنال مان نڪرندڙ گھوٽاڻ مائينر وھي ٿو جنھن مان وري کيسانو شاخ، بغيراڻي شاخ، ڪلوئي شاخ ۽ قيصر خان نڪري وھن ٿيون.قيصر شاخ ھن ديھ مان نڪري ٽنڊو قيصر طرف وھي ٿي.کيسانہ شاخ جنھن جاء تان نڪري ٿي اتي روھڙي ڪئنال جي موري کي کيسانو موري يا کيسانہ موري سڏين ٿا. پراڻو سرفراز واھ پڻ ھن ديھ مان وھندڙ ھو جيڪو بعد ڦٽي ويو. ھن ديھ مان ٽنڊوالهيار کان حيدرآباد طرف رستو گزري ٿو. حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ريلوي لائن بہ ھتان گذري ٿي. ھن ديھ ۾ واري جون ڀٽون ۽ گھارا پڻ واقع آھن . ديھ جي اڪثر ايراضي زرعي زمينن تي مشتمل آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. http://map.sindhzameen.gos.pk/.  Missing or empty |title= (مدد)