نستعليق خط
ڏيک
نستعليق خط (Nastauleeq Script) عربيءَ کي جڏهن ايران ۾ ڪجهہ نون حرفن ۽ ٽٻڪن سان استعمال ڪيو ويو، ان کي نستعليق رسم الخط سڏيو ويو. سنڌ ۾ مڪليءَ جي قبرن کان ويندي، مسجدن جي ديوارن ۽ ڪتبن مان نستعليق خط جي رواج جي ثابتي ملي ٿي. ارغونن ۽ ترخانن جي اچڻ کانپوءِ نستعليق جو رواج وڌيو. شاھ ڪريم جو ڪلام ”بيان العارفين“ نستعليق خط ۾ مليو آهي. اهڙي طرح مزارن جا ڪتبا، مسجدن جي ديوارن تي اتاريل قول ۽ حديثون ۽ فارسي-سنڌي ۾ لکيل ڪتاب سنڌ ۾ نستعليق جي رواج کي ثابت ڪن ٿا. موجوده سنڌي لپي نسخ ۾ آهي، جڏهن تہ اردو لپي نستعليق ۾ آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.