نستعليق خط
ڏيک

نستعليق خط (Nastauleeq Script) عربيءَ کي جڏهن ايران ۾ ڪجهہ نون حرفن ۽ ٽٻڪن سان استعمال ڪيو ويو، ان کي نستعليق رسم الخط سڏيو ويو. سنڌ ۾ مڪليءَ جي قبرن کان ويندي، مسجدن جي ديوارن ۽ ڪتبن مان نستعليق خط جي رواج جي ثابتي ملي ٿي. ارغونن ۽ ترخانن جي اچڻ کانپوءِ نستعليق جو رواج وڌيو. شاھ ڪريم جو ڪلام ”بيان العارفين“ نستعليق خط ۾ مليو آهي. اهڙي طرح مزارن جا ڪتبا، مسجدن جي ديوارن تي اتاريل قول ۽ حديثون ۽ فارسي-سنڌي ۾ لکيل ڪتاب سنڌ ۾ نستعليق جي رواج کي ثابت ڪن ٿا. موجوده سنڌي لپي نسخ ۾ آهي، جڏهن تہ اردو لپي نستعليق ۾ آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا Nastaliq. |
- KHATTAATT: Nastaliq Script: The Poetic Flow of Arabic Calligraphy
- Rumicode: Online Service For Nastaliq Calligraphy
- Nastaliq Online آرڪائيو ڪيا ويا 2021-04-13 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.: Online Service For Nastaliq Calligraphy
- Iranian Calligraphers Association
- Nastaliq Writer for Macintosh by SIL
- InPage Urdu: Official InPage Urdu DTP software site
- Faiz Nastaliq: Official Faiz Nastaliq site
- Profiles and works of World Islamic calligraphy (in فرانسيسي)
- Nastaliq Script | Persian Calligraphy
- Awami Nastaliq: A Nastaliq font by SIL International