مادو
مادي جون عام طور تي ٽي حالتون ھونديون آھن نھرو (solid)، پٽڙو(liquid) ۽ گيس (gas). ڪڏهن ڪڏهن مادي جو چوٿين حالت پلازما (plasma) به سمجھي ويندي آھي. تصويرن ۾ مٿان کان هيٺ ڪوارٽرز (quartz) بطور نھرو يا ٺوس (solid)، پاڻي بطور پٽڙو (liquid) ۽ نائٽروجن ڊاء آڪسائيڊ بطور گيس (gas). ان کان علاوه پلازما گلوب بطور پلازما ڏيکاريل آھن |
مادو (matter) مان مراد اھو عنصر آھي جنهن مان تمام مادي واريون شيون ٺھيل ھونديون آھن وصف مطابق اھا شيءِ جيڪا وزن رکي ۽ جاءِ والاري ان کي مادو چئبو آهي.
"مادو نه ته پيدا ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي ختم ٿي سگهجي ٿو. پر ان کي ھڪڙي حالت مان ٻي حالت ۾ بدلائي سگهجي ٿو."
تفصيلي تعارف
[سنواريو]قدیم یونانی فلاسفرن سڀ کان پھريون اھو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪي ته دنيا ڪھڙي شي۽ جي ٺھيل آھي. انھن بنیادی ذرڙي جو نالو ایٽم رکيو جيڪو اج تائين رائج آھي. جيڪڏھن توھان هيڏانهن هوڏانهن نظر ڊوڙائيندو ته توھان کي سوين قسمن جون شيون نظر اينديون. ان ۾ ڪجهه نھريون، ڪجهه پٽڙيون ۽ ڪجهه گيسون آھن. اھي مادي جون ٽي مختلف صورتون آھن، جيڪي بظاھر ھڪ ٻئي کان مختلف آھن، پر اندروني طور تي ايئن نه آھن. بنيادی طور تي اھي ھڪ ئي جھڙن ذرڙن جون ٺھيل آھن، جنھن کي ايٽم چئبو آھي.
ھر اھا شئي جيڪا وزن رکي ۽ جاء ولاري ان کي مادو چئبو آهي. مادي جي ھر ان قسم ۾ جنھن جون خاصيتون ان پوري نموني ۾ ساڳيون ھجن اھو مادو خالص شئي سڏيو ويندو آهي. مثال: لوڻ، کنڊ، سون وغيره. کنڊ جي ھڪ قلم يا داڻي (Crystal) جو ذائقو رنگ ۽ شڪل ٻين قلمن يا داڻن جھڙو ھوندو آھي.
سڀ کان پھريون سال 1808ع ۾ مانچسٽر جي ھڪ اسڪول ماسٽر جان ڊالٽن ايٽمی نظريو پيش ڪيو، جنھن جي بنياد ریاضي تي ھئي.
مادي جون حالتون
[سنواريو]مادي جون بنيادی طور تي چار حالتون ھونديون آھن.