پلازما
ڏيک

پلازما (Plasma) هڪ ڏاڍو اهم ۽ گهڻ استعمال ٿيندڙ لفظ آهي. پلازما جو لفظ اصل ۾ يوناني لفظ، "پلاسين" (plassein) کان لاطيني ۽ جرمن ٻولين مان ٿيندو آيو آهي. جنهن جي بنيادي طور تي معنا ته "سنهو پکيڙڻ" جي هئي، پر پوءِ ان مان شڪل ڏيڻ جو مفهوم نڪتو ۽ پوءِ هي لفظ سائنس جي شاخن ۾ استعمال ٿيڻ لڳو. ان جا مختلف استعمال هيٺ ڏنل آهن:
- پلازما حالت: مادي جي چار طبيعي حالتن مان هڪ (ٻيون ٽي؛ سالڊ، مائع ۽ گئس).
- سائٽوپلازم: هڪ جيلي جهڙي شي جيڪا جيو گهرڙن کي ڀريندي آهي ۽ انهن جي اندر موجود جسمن کي معلق رکندي ۽ بچائيندي آهي.
- نيوڪليوپلازم: هڪ انتهائي ليسدار مائع جيڪو جيو گهرڙن جي نيوڪليئس ۾ ڪروموسوم ۽ ٻين عضو (organelles) جي چوڌاري هوندو آهي.
- پلازما جيو گهرڙا: رت ۾ موجود اڇا جيو گهرڙا، جيڪا اينٽي باڊيز جي وڏي مقدار کي خارج ڪندا آهن.
- پروٽوپلازم: جيو گهرڙن ۾ ٻاهرين جھلي (membrane) يا خول (cell wall) جي اندرين موجود سڀ ئي جاندار مادو.
- پلازما ڊسپلي: هڪ فليٽ پينل وارو برقي بصري ڊسپلي، جيڪا عام طور تي ٽيليويزن ۾ ڊسپلي لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ڏسو: زمرو:ٽيڪنالاجي
- پلازما افيڪٽ: هڪ ڪمپيوٽر تي ٻڌل متحرڪ بصري افيڪٽ، جيڪا گرافڪس جي ڊسپلي ۾ استعمال ٿيندو آهي. ڏسو: زمرو:بصري فنون