صحابي
الصَّحَابِيّ (جمع: الصَّحَابَة) هڪ اسلامي اصطلاح آهي جيڪو هر ڪنهن کي ڏنو ويو آهي جيڪو پيغمبر اسلام، محمد ﷺ سان مليو، اسلام قبول ڪيو ۽ مسلمان رهيو جيستائين هو وفات ڪيو.[1] ان سان گڏ اصحابن مان مراد اسلام جي پيغام جا اولين علمبردار، پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآله وسلم جي حمايت ڪرڻ وارا، جن ان جو دفاع ڪيو ۽ جيڪي ان سان گڏ رهيا ۽ ان جي دعوت تي ايمان آندو ۽ ان جي مطابق وفات ڪئي. صحابه ڪرام الله جي دعوت قبول ڪرڻ کان پوءِ زندگيءَ جو گهڻو وقت رسول الله ﷺ سان گڏ رهيا ۽ اسلام جي پيغام پهچائڻ ۾ سندن مدد ڪيائون ۽ ڪيترائي ڀيرا دفاع ڪيائون. رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي وصال کان پوءِ صحابه ڪرام خلافت جو دور، جنهن کي خلفاءِ راشدين جو دور سڏيو وڃي ٿو، ۾ اسلام جي تعليمات کي عام ڪرڻ لاءِ سڀني علائقن ۾ منتشر ٿي ويا ۽ شهرن ۽ ملڪن کي فتح ڪرڻ لڳا. صحابه ڪرام سر زمين شام، فارس، مصر، خراسان، هندستان ۽ ٽرانسڪسيانا ۾ ڪيترين ئي اسلامي جنگين جي اڳواڻي ڪئي.
نبي سڳوري حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي صحبت جو شرف حاصل ڪندڙ مسلمانن کي صحابه چيو وڃي ٿو. نبي سڳوري جا چار وڏا اصحابي، جنهن کي ”اصحاب ڪبار“ چيو وڃي ٿو، حضرت ابوبڪر صديق، عمر بن الخطاب، عثمان بن عفان ۽ علي بن ابي طالب رضي الله تعالي عنهم آهن، جن نبي سڳوري جي زماني ۾ اسلام قبول ڪري حضور پاڪ جن جي صحبت جو شرف حاصل ڪيو، انهن جي نالن پويان احترام خاطر ”رضي الله تعاليٰ عنه“ لکبو يا اُچاربو آهي. اهي برگزيده اصحاب يا صحابي ليکيا وڃن ٿا. ان کان سواءِ به حضور اڪرم جي صحبت ڪيترن ئي اصحابن کي نصيب ٿي[2]
صحابه کان پوءِ مسلمانن جو ٻيو نسل، جيڪو محمد صلي الله عليه وسلم جي وصال کان پوءِ پيدا ٿيو، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ هڪ صحابه کي ڄاڻندو هو، انهن کي تابعي (جانشين، جمع: تابعين) سڏيو وڃي ٿو. تابعين کان پوءِ مسلمانن جو ٽيون نسل، جيڪي گهٽ ۾ گهٽ هڪ تابعي کي ڄاڻندا هئا، تن کي تبع تابعي (جمع: تبع تابعين) سڏيو ويندو آهي. هي ٽي نسل اسلام جا سلف بڻيا.