مواد ڏانھن هلو

سنسڪرت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
قديم سنسڪرت ڀنگ جي فائيبر مان ٺاھيل ڪاغذ تي لکيل. اھڙي ڪاغذ جو استعمال 200 ق م کان شروع ٿيو
سنسڪرت
Saṃskṛtam
संस्कृतम्
فائل:Sanskritam word in devanagri script.png
Saṃskṛtam in Devanagari script
اچار سانچو:IPA-sa About this sound pronunciation 
خطو South Asia
parts of Southeast Asia
Era c. 2nd millennium BCE – 600 BCE (Vedic Sanskrit[1]), after which it gave rise to the Middle Indo-Aryan languages.
Continues as a liturgical language (Classical Sanskrit).
بحالي A few attempts at revival have been reported in Indian and Nepalese newspapers.

India: 14,135 Indians claimed Sanskrit to be their mother tongue in the 2001 Census of India:[2]

Nepal: 1,669 Nepalis in 2011 Nepal census reported Sanskrit as their mother tongue.[3]
پراڻي صورت
ديوناگري(سرڪاري)
براھمي اسڪرپٽ ۾ پڻ لکي ويندي آهي.[4]
ٻولي جا ڪوڊ
ISO 639-1 sa
ISO 639-2 san
ISO 639-3 san
گلوٽولوگ sans1269[5]

سَنسڪِرت (Sanskrit) هڪ پُراڻي ٻولي آهي. موجوده جوڙ هند-آريائي ٻولين سان آهي جنهن جو ڳانڍاپو ويدڪ دور سان آهي.[6] اها ھندو مت جي مقدس ٻوليءَ آهي ۽ سک مت، ٻڌمت، جين مت ۽ ھندو مت جي فلسفي جي ٻولي پڻ سڏبي آھي[7] ۽ هندُستان جي ٻاويهن سرڪاري ٻولين ۾ هي شامل آهي.

تفصيلي تعارف

[سنواريو]

پنجابي ٻولي جو سنسڪرت سان گھرو تعلق آهي . سنسڪرت ڳالهائڻ وارن جو تعداد  اڄڪلھ ڪُجھ ھزار آهي. "ٻوليءَ متعلق لوچيندڙن ۾ پهريون ئي شخص پنڊت ’پاڻني‘ آهي جنهن اڄ کان تقريباً ٽي هزار ورهيه اڳ سنسڪرت جي صرف نحو تي هڪ مستند ڪتاب لکيو هو. جنهن ۾ سنسڪرت جا ڌاتو پڻ ڏنل آهن. ان بعد ٻوليءَ جي تاريخ ۾ عيسوي سن يارهين صدي ۽ ٻارهين صديءَ ۾ ’ڌنپال آچاريه‘ ۽ ’هيمچندر آچاريه‘ جون تصنيفون ”پايلڇي، ۽ ديسي نام مالا“ قابل ذڪر آهن انهن صاحبن هندستان ۽ سنڌ جي ٻولين لاءِ جا کوجنا ڪئي سا نه فقط هاڻوڪين ڏيهي ٻولين جي رهنمائي ڪري ٿي پر مُحقَقـِين ۽ مُستشرَقين جي تحقيق لاءِ مشعل راهه ثابت ٿي آهي. جڏهن يورپي لوڪ، واپاريءَ ۽ فاتح جي صورت ۾ هندستان ۾ گهڙيا، تڏهن انهن هندستان جي رسم رواج، تهذيب ۽ تمدن سان گڏ هتي جي ٻولين، خصوصاً سنسڪرت جو به مطالع ڪيو، بعد ۾ بالاتفاق هندستان جي ٻولين کي آرين زبان جي هڪ شاخ ”انڊو يورپين ٻولين“ جي نالي سان سڏيو، ۽ وري ڪن محققن ته دنيا جي قديم زبان عبراني هجڻ واري نظريه جي ترديد ڪري سنسڪرت کي ئي تمام زبانن جي ماءُ سڏيو".[8] سنسڪرت ننڍي جي قديم ۽ ڌرمي ٻولي آهي. سنسڪرت جي لفظي معنيٰ آهي سڌاريل، سنواريل سڀ کان آڳاٽا ڪتاب ويد جنهن ٻوليءَ ۾ لکيا ويا ان کي ويدڪ يا ڪلاسيڪي سنسڪرت چيو وڃي ٿو. اها سنڌو جي ڪناري تي ڳالهائيجندڙ ٻولين مان هڪ قديم پراڪرت جو سڌاريل روپ هئي، جنهن جو گرامر پاڻنيءَ لکيو، جيڪو سنڌو علائقي جو رهندڙ هو. هن ٻوليءَ جو ادب انتهائي قديم ۽ شاهڪار آهي. هيءَ ٻولي هندو تهذيب جي اوج واري زماني ۾ ماڻهن جي اظهار جو ذريعو هئي. سنسڪرت گهڻو ڪري برهمي رسم الخط ۾ لکي ويندي هئي. ڪيترائي قديم ڪتاب هن ٻولي ۾ تحرير ڪيل آهن. سنسڪرت، ننڍي کنڊ جي ڪيترن ٻولين جي ماءُ يا ڀيڻ تصور ڪئي وڃي ٿي. سنڌي زبان جي بڻ بنياد لاءِ هڪ نظريو اهو به آهي ته سنڌي سنسڪرت جي ڄائي آهي. ٻيو نظريو ان کي سنڌيءَ جي ڄائي قرار ڏئي ٿو. بهرحال هيءَ ٻولي هن خطي جي اهم ٻولي رهي آهي. [9]هن وقت سنسڪرت ۾ ٽيٽيهه حرف صحيح (ونيجن)، سورهن حرف علت (سُر) آهن. مصنف کي ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته قديم براهمڻي لپيءَ ۾ اصل فقط ٻاويهه حرف صحيح هئا، ۽ ماترائون هيون ئي ڪين. اهو ئي سبب ڏسجي ٿو، جنهن ڪري جيڪي ”پڻي“ پوءِ ”فنيشن“ سڏجڻ ۾ آيا، تن جي ائيويٽا ۾ فقط ٻاويهه حرف صحيح هئا، حرف علت هئو ئي ڪونه، جنهن ڪري سيميٽڪ قومن کي اتائن فقط اوترا آئيويٽا جا حرف صحيح مليا ۽ هڪڙو به حرف علت ڪونه ملين. مثلاً عربن پنهنجي آئيويٽا آرم ملڪ سيميٽڪ قوم وارن کان ورتي، ته اڄ به ڏسو ته عربيءَ ۾ سڀ حرف صحيح آهن ۽ حرف علت آهي ئي ڪونه.[10]

”سنسڪرت“ لفظ جي معنيٰ

[سنواريو]

قديم آريه لوڪ پنهنجيءَ ٻوليءَ کي ”ڀاشا“ چوندا هئا، جنهن جو ڌاتو يا بنياد آهي ”ڀاش“ معنيٰ ڳالهائڻ. ”ڀاشا“ معنيٰ ”جا ڳالهائجي ٿي“ يعني ٻولي. خود .ٻولي“ معنيٰ به جا ٻولجي جا ڳالهائجي ٿي. آرين جي ٻوليءَ تي ڪو خاص نالو رکيل ڪونه هو، ۽ ”سنسڪرت“ نالو ڪو گهڻو قديم ڪونهي، جو اهو ويدڪ ساهت ۾ ڄاڻايل ئي ڪونهي. انهيءَ قديم ڀاشا ڳالهائڻ جو پوءِ رواج ئي بند ٿي ويو. ياسڪ ۽ پانني منين انهيءَ جو اونهو اڀياس ڪيو، ته يقين ٿين ته اها ٻولي نهايت وگيانڪ (Scientific) ريت جڙيل آهي، تنهن ڪري ان کي سنسڪرت نالو ڏنائون، جنهن جي معنيٰ آهي ”چڱي يا صاف ٿيل يعني اُجاريل يا سڌريل بولي.“ [11]هيءُ نالو خود ڄاڻائي ٿو ته اهو ٻوليءَ صفت ظاهر ڪري ٿو، ۽ باسڪ ۽ پانني منين هن ڀاشا (ٻوليءَ) جي عمدي بناوت ڏسي، مٿس اهو نالو رکيو. اهو لفظ ئي سندن وقت جو جڙيل آهي، ۽ جوڙيو ئي شايد پاڻ هئائون، جو کانئن اڳي اهو نالو ڪٿي به ڪم آيل ڪونهي.س”سنسڪرت“ لفظ جو ڏاتو يا بنياد آهي ”ڪر“ (To do). ان جو اسم مفعول آهي ”ڪرت“ معنيٰ ڪيو يا ڪيل (Done). ”سم“ هڪ اڳياڙي (Prefix) آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”چڱو“، جنهنڪري ”سمڪرت“ (سنسڪرت) معنيٰ چڱي يا صاف ٿيل يعني اُجاريل ٻولي (Polished or refined Language). سنسڪرت ۾ سنڌيءَ جا قاعدا (Rules of Euphony) آهن، جن مان هڪڙو قاعدو هيءُ آهي ته ”ڪر“ ڌاتوءَ جي اڳيان جيڪڏهن ”سم“ اچي، ته ”س“ جو اُچار بالائي گڏڻ گهرجي. اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري ”سمڪرت“ بدران ”سمسڪرت“ (سنسڪرت) چئبو آهي. ساڳيءَ ريت ”سمڪار“ بدران ”سنسڪار“ (Sacrament) چئبو آهي.[12]

نیرڪتا

[سنواريو]

سنسڪرت کمی ويدیائي واري ٻن مُرڪب ٻولن سمس ڪرت کي ملائي بڻايو ويو آھي۔ سمس جو مطلب ملائي ۽ ڪرت جو مطلب ڪرڻ. ائی گئی، رہتل دی ٻولي۔

گٹھ:بولیاں گٹھ:بولی گٹھ:دنیا دیاں بولیاں گٹھ:لسانیات گٹھ:زباناں گٹھ:بولیاں بلحاظ دیس گٹھ:ایشیا دیاں بولیاں گٹھ:ایشیائی دیساں دیاں بولیاں سنسکرت

سنسڪرت جو ٻين ٻولين سان تعلق

[سنواريو]

سڀ ڪنهن ملڪ جي سڀيتا اول ٻوليءَ سان شروع ٿئي ٿي. يورپ کي ٻولي ڪٿان ملي؟ جيڪڏهن سنسڪرت ٻولي يوروپي ٻولين جي ماءُ نه ٿئي ته وڏي ڀيڻ ته بيشڪ ٿئي، ۽ سنسڪرت هندستان جي ٻولي آهي، جنهنڪري چئبو ته يورپ کي ٻولي پوربي بنياد واري ملي آهي. خود انگريزي آئويٽا به ديوناگري اکرن تان ٺهيل آهي، جا ڳالهه سر مونيئر وليمس پنهنجي جوڙيل سنسڪرت ڊڪشنريءَ جي ديباچي ۾ ڄاڻائي آهي. قديم ديوناگري اکر هاڻوڪي کان گهڻو ڦريل هئا، ۽ انهن ڦري ڪيئن هاڻوڪي انگريزي آئيويٽا جي صورت ورتي، سا ڳالهه به اکرن جون تصويرون ڏيئي سمجهائي اٿس[13]

سنسڪرت ۽ سنڌي ٻولي

[سنواريو]

سِنگاپور ۽ قوالَلَمپُر ۾ بِ پويان اِيهو ئِي پُرِ آھي. ڏَکَڻ ڀارَتَ ۾ ´پُرِ` جو ´وُر` آهي، جِيئَن تَنجاوُر. هِندِي ۽ ڀارتِي ٻولِنِ ۾ پُر جِي مانا نَگَر آھي، جڏهن تَه پُور مانا ڀَرِپُورُ - ڀَرِيَلُ . هِتي ”پاڙو“ - ”پاڙا“ ٻولَنِ کي بِه سَمجهِي وَٺِجي. ”پاڙو“ مانا ڪَنهِن ڳوٺَ - نَنگَرَ جو هِڪُ نَنڍو ڀاڱو. هِندِي ۽ ڀارتِي ٻولِنِ ۾ ”پاڙو“ جو ”پارا“ آھي، جيڪو ساڳي مانا ۾ ڀارَتَ جي آسي - پاسي جي ديسَنِ ۾ بِه آھي، پَرَ سَنسڪرِت ۾ پُرِ، پُورُ وانگُرُ پاڙو بِه ڪونهين. اِنهَن مان پَڌِرو آھي تَه ڀارَتَ ۽ دُنِيان جي ٻولِنِ ۾ ساڳِي مانا وارا جيڪي کوڙَ ٻولَ آھِنِ، اُوهي سَنسڪرِت جا نَه پَرَ سِنڌِيءَ ٻوليءَ جا آھِنِ.


تمہارے خط میں نیا اک سلام کس کا تھا،

نہ تھا رقیب تو آخر وہ نام کس کا تھا،

نہ پوچھ گچھ تھی کسی کی وہاں نہ آو بھگت،

تمہاری بزم میں کل اہتمام کس کا تھا. ”داغ دیہلوی“*


تَنهان پَڙھِي وائِڙا ٿِي وَيا هُوندا تَه هِندِي - اُردُوءَ ۾ پُوڇ گَڇ ۽ آو ڀَگَت جيڙھا نِجُ سِنڌِي ٻولَ آھِنِ. واڳَ - ڏورِ جو باگ - ڊور، لٽ - ڦر -- ڇِنَ - پَٽَ جو لُوٽ - پاٽ، لُٽِڻُ - کَسِڻُ جي لُوٽ - کَسوٽ . ايڙھا ٻِيا بِه هَزارين سِنڌِي ٻولَ آھِنِ، جيڪي هِندِي - اُردُوءَ ۽ ڀارتِي ٻولِنِ ۾ آھِنِ، پَرَ سَنسڪرِت ۾ ڪونهننِ. [14]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Uta Reinöhl (2016). Grammaticalization and the Rise of Configurationality in Indo-Aryan. Oxford University Press. pp. xiv, 1–16. ISBN 978-0-19-873666-0. https://books.google.com/books?id=nR_4CwAAQBAJ. 
  2. "Comparative speaker's strength of scheduled languages − 1971, 1981, 1991 and 2001". Census of India, 2001. Office of the Registrar and Census Commissioner, India. وقت 11 April 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 31 December 2009. 
  3. آرڪائيو ڪاپي (PDF), وقت 2017-09-18 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-05-12 
  4. "http://aboutworldlanguages.com/sanskrit%22
  5. Hammarström, Harald; Forkel, Robert; Haspelmath, Martin et al., eds (2016). "Sanskrit". Glottolog 2.7. Jena: Max Planck Institute for the Science of Human History. http://glottolog.org/resource/languoid/id/sans1269. 
  6. "Sanskrit language" (en ۾). Encyclopedia Britannica. https://www.britannica.com/topic/Sanskrit-language. 
  7. Damien Keown; Charles S. Prebish (2013). Encyclopedia of Buddhism. Taylor & Francis. p. 15. ISBN 978-1-136-98595-9. https://books.google.com/books?id=D1pcAgAAQBAJ&pg=PT15. ; Quote: "Sanskrit served as the lingua franca of ancient India, just as Latin did in medieval Europe"
  8. سنڌي زبان--شيخ محمد اسماعيل؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع
  9. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  10. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page26.html#_ftn27.  Missing or empty |title= (مدد)
  11. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2018-06-30. 
  12. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page26.html#_ftn27.  Missing or empty |title= (مدد)
  13. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page10.html#_ftn4.  Missing or empty |title= (مدد)}
  14. محقق؛ پريم تنواڻي