سنسڪرت جو سنڌيءَ تي اثر
ڏيک
گنڌار (قنڌار) وارو پاسو توڙي ڪيڪيا پرڳڻو، جو هاڻوڪي ديري اسماعيل خان ۽ ديري غازي خان کان وٺي ملتان جي حدن تائين هو، سي ٺيٺ سنسڪرت جي ڪري ايتريقدر مشهور هئا، جو خود مڌيا ديش وارا انهيءَ اتر طرف وديا پرائڻ ويندا هئا. انهيءَ اتر طرف کان جيڪي علم پرائي ايندا هئا، تن جا اُچار صحيح ۽ چٽا هوندا هئا ۽ ماڻهو کين سَدَ ڪري ليکيندا هئا. هيءَ ڳالهه خود ويدن جي هڪ برهمڻه ۾ ڄاڻايل آهي. سڄيءَ سنڌ ۾ اڄ به سنڌ جي وچولي جي سنڌي ٻولي جهڙي ٺيٺ چئجي، تهڙي ٻي نه آهي. اهو شوي آرين جي سنسڪرت جو اثر آهي. سرحد سنڌ جا رهاڪو، خاص ڪري شڪارپوري، قديم زماني کان وٺي گنڌار(قنڌار) طرف وارن وارا سنسڪار پرائي رهيا آهن، ته اڄ به ڏسو ته اُچار سندن صفا ۽ چٽا آهن ۽ شڪارپور جي ٻوليءَ ۾ ميٺاج به اهڙو آهي، جو سڄيءَ سنڌ ۾ ٻئي ڪنهن به هنڌ جي ٻوليءَ ۾ ڪونهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پاران سنڌي ادبي بورڊ