ويدڪ سنسڪرت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

رگ ويد کان پوءِ يجرويد آهي، جنهن ۾ سنڌونديءَ ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ ندين جو نالو به ڪونهي آڳاٽن آرين مان جيڪي ’پروُ‘ آريه لوڪ هئا، تن مان هڪ راجا ’ڪرو‘ ٿي گذريو آهي، تنهن جي نالي پٺيان ڪي پاڻ کي’ڪرو‘به سڏائيندا هئا، جن جو اولاد پوءِ ڪورو ٿيا، جي پانڊون جا سؤٽ هئا. اهي ’پروُ‘ يا ’ڪرو‘ آريه لوڪ ۽ سندن ڏورانهان سؤٽ ’پنچال‘، جن جي سنڌ ۾ حڪومت هئي، تن مان ڪيترا يجرويد واري زماني ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا وڻ ڇڏي، هاڻوڪن آگري ۽ ائوڌ جي گڏيل پرڳڻن ڏي ويا. اُتي جنهن هنڌ بيٺڪون وڌائون، سو هنڌ سندن نالن جي پٺيان ڪرو-پنچال ديش سڏجڻ ۾ آيو. انهيءَ پاسي ٻيا آريه لوڪ به رفتي رفتي ايتريقدر ٽڙي پکڙي ويا، جو هماليه جبل کان وٺي ونڌيا جبل تائين سمورو ملڪ سندن ٿيو ۽ اهو مديه ديش يعني وچولو علائقو Midland سڏجڻ ۾ آيو. اهو ‘آريا ورت‘ (Aariya wart) يا آرين جو کنڊ به ڪوٺجي ٿو. انهيءَ پاسي هو ٻين اڻ آريا قومن سان لڙهه وچڙ ۾ آيا، ته سندين ٻوليءَ ۾ ڪجهه بگاڙو ٿيو، پر سنڌ جي سنسڪرت اڃا ٺيٺ هئي. اڄ به سنڌي ٻوليءَ ۾ قديم سنسڪرت جا ڪي اهڙا نشان آهن، جي مڌيا ديش جي هاڻوڪي هنديءَ يا هندستانيءَ (اردو) ۾ ڪينهن. [1]

حوالا[سنواريو]