سنسڪرت ۾ ڦيرڦار
سنسڪرت ۾ ڦيرڦار (انگريزي: Mutations in Sanskrit) يجر ويد واري زماني ۾ ڪيترن آرين مڌيا ديش وڃي وسايو، ته اتي ٻين قومن سان لڙهه وچڙ ۾ اچڻ ڪري سندن ٻوليءَ ۾ ڪجهه بگاڙو ٿيو هو. انهن ساڳين آرين پوءِ موٽي سنڌ، پنجاب ۽ گنڌار پنهنجي قبضي ڪيا، ته سندين بگڙيل ٻوليءَ جو اثر انهن هنڌن جي ٻوليءَ تي به ٿيو، جنهنڪري پوءِ اها به گهڻو ڪري مڌيه ديش جي ٻوليءَ جهڙي ٿي پيئي ۽ هوريان هوريان ان وانگر بگڙجي اول وچولي ۽ پوءِ آخرين درجي تي آئي.[1] مطلب ته سنسڪرت جا ٽي قسم آهن: قديم، وچولو ۽ آخرين. قديم سنسڪرت ’ويدڪ سنسڪرت‘ سڏجي ٿي.[1]
وچولي زماني جي سنسڪرت
[سنواريو]ويدن ۾ رچائون (Hymns) آهن، پر ويدن کان پوءِ جي سنسڪرت ۾ اڪثر ’سوُتر‘ آهن، تنهنڪري اها سوترن جي زماني واري سنسڪرت سڏجي ٿي[1].’سوُتر‘ لفظ اهو ساڳيو آهي، جنهن جو بگڙيل اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ’سُٽ‘ آھي[1]. وچولي زماني ۾ وڏيون ڳالهيون ٿورڙن لفظن ۾ ائين آڻيندا هئا، ڄڻ ته سٽ يا ڌاڳي ۾ موتي پوُئيندا هئا[1]. سوترن جي مکيه خاصيت آهي’ٿور اکرائي‘(انگريزي: Brevity )[1]. سنڌيءَ ۾ جيڪي پهاڪا آهن، سي اڪثر سوترن جي نموني جڙيل آهن. مثلاً ’جُڙيءَ کي جس‘، ’ڪندو سو پائيندو‘يا ’جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي‘[1]. هتي ڏسو ته هر هڪ پهاڪي ۾ سوترن ۾ اڪثر قاعدا ڄاڻايل آهن[1].’ڌرم سوترن‘ ۾ ڌرمي ڳالهين بابت ۽ ’گريهه سوترن‘ ۾ گهرو ڳالهين بابت قاعدا آهن گهر ٻاريءَ يا ڪٽنبي ماڻهوءَ کي پنهنجي حياتي ڪيئن گذارڻ گهرجي. ائين ’سوتر‘لفظ جي معنيٰ ٿي قاعدو، قول، يا نُڪتو، جو ٿورڙن پر مائيدار لفطن ۾ ڄاڻايل هجي. سوترن ۾ لفظ ٿورڙا، معنيٰ وڏي- ويتر منجهن ٻولي به آڳاٽي ڪم آيل آهي، تنهنڪري سوترن تي وڏيون ٽيڪائون (تشريحون) لکيل آهن[1]. سوترن واري ٻولي وچولي زماني جي ڪتابي ٻوليءَ جو نمونو ڄاڻائي ٿي؛ پر عام طرح جيڪا سنسڪرت ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي، تنهن ۾ پوءِ به ڦير پوندو ويو، جنهنڪري آخرين درجي تي آئي[1].
آخرين درجي واري سنسڪرت
[سنواريو]آريا لوڪ مڌيا ديش ڏي ويا، تنهن کان پوءِ به هندستان جي ٻين ڀاڱن ۾ ٽڙندا پکڙندا ويا. مثلاً مهاڀارت واري زماني ۾ سري ڪرشن ڪيترا هزار جادوُ ونسي، مٿرا مان ساڻ وٺي، دوارڪا ڏي وڃي رهيو. ائين سنسڪرت جي پکيڙ جدا جدا هنڌن جي اڻ آريه قومن ۾ ٿي، ته انهن جي ٻولي وڌيڪ بگڙي؛ جنهنڪري وچولي سنسڪرت ڦري آخرين درجي تي آئي. هندن جا اتهاس (رامائڻ ۽ مهاڀارت)، سمرتيون، ڪوي ڪاليداس جا ناٽڪ ۽ ٻيا جيڪي به ڪتاب اڄ تائين سنسڪرت ۾ نڪتا آهن، سي سڀ انهيءَ ۾ لکيل آهن. هندن جا پراڻ به ان ۾ لکيل آهن، تنهنڪري اها عام طرح ’پراڻڪ سنسڪرت‘ (Puranic Sanskrit) سڏجي ٿي. حقيقتؤن اڄڪلهه سنسڪرت سڏبوئي انهيءَ آخرين درجي واري سنسڪرت کي آهي جيڪا ڪلاسيڪل سنسڪرت پڻ سڏجي ٿي[1]. ۽ اها ئي هن وقت اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پاڙهڻ ۾ اچي ٿي[1].