ڄام جوڻو ٻيون: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 39: سِٽَ 39:


==حوالا==
==حوالا==

{{حوالا}}
{{حوالو}}
{{حوالو}}

ورجاءُ بمطابق 19:00, 14 مَئي 2018ع

ڄام جوڻو ٻيون
تغلق شاھ
سنڌ جو سلطان
سن 1428 کان
پيشرو ڄام فتح خان
جانشين ڄام مبارڪ
پورو نالو
ڄام جوڻو سمو
گهراڻو سمو
شاھي گھراڻو سمن جي بادشاھي
تدفين ملڪ ڳوٺ، گجرات
مذھب اسلام

ڄام تغلق شاھ جوڻو (ٻيو) جڏهن سنڌ ۾ سمن جو راڄ هو تڏهن ڄام فتح خان جي وفات کان ٽي ڏينهن اڳ، پنهنجي ڀاءُ ڄام جوڻي (ثاني) کي ”تغلق“ جي لقب سان حڪومت لاءِ نامزد ڪيو.

تفصيلي تعارف

ڄام تغلق ٺٽِي ۾ سنڌ جي سلطان بنجڻ بعد ملڪ جي سرحدن جو دورو ڪيو. امن امان کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ هن پنهنجن ڀائرن کي بکر ۽ سيوهڻ طرف روانو ڪيو. هڪ موقعي تي ٻروچن جي فساد ۽ فتني کي ختم ڪرڻ لاءِ ڄام تغلق پنهنجي سر بکر طرف روانو ٿيو. ڄام جي حڪمت تحت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، هر هڪ پرڳڻي جي حدن ۾ ٿاڻا قائم ڪيا ويا. سندس دور ۾ ”ڪلان ڪوٽ“ جي قلعي جي اڏاوت شروع ٿي، جا سندس موت بعد به جاري رهي. ڄام تغلق جي زماني ۾ سنڌ ۽ گجرات جا تعلقات اڃا به وڌيڪ مستحڪم ٿيا. سيد حسام الدين راشدي ان متعلق لکي ٿو:

”ڄام جوڻو ان وقت اندروني اختلافن سبب پريشان ۽ ٻاهرين مدد جو خواهان هيو... مولانا محمد صديق ملتاني، ڄام جوڻي جو پير هو. هن کيس مشورو ڏنو ته پنهنجيون نياڻيون گجرات ۾ پرڻائي...... هڪ سلطان محمد سان ٻي قطب عالم جي فرزند شاه عالم سان...... انهيءَ سڱابنديءَ مان کيس سياسي فائدو ۽ تقويت مدنظر هئي.......“

هن فيصلي بعد ڄام پنهنجيون نياڻيون مولانا محمد صديق ملتاني ۽ ڄام خير الدين ۽ ڄام صلاح الدين (ڄام جوڻي جا پٽ) جي جميعت ۾ گجرات موڪليون. بي بي مغليءَ جو نڪاح سلطان محمد سان ٿيو. سلطان محمد کي هن گهر مان سن 1445ع ۾ هڪ پٽ ڄائو، جو اڳتي هلي گجرات جي تاريخ ۾ سلطان محمود بيگڙي جي نالي سان مشهور ٿيو. جڏهن ته ڄام جي ٻي نياڻي بيبي مرڪي قطب عالم جي پٽ شاه عالم (1414-1475ع) جي عقد ۾ آئي.[1]

ڄام جوڻو ان وقت اندروني پريشانين کان علاوه بيروني جارحيت جي فڪر ۾ پڻ دامنگير هو. وچ ايشيا ۾ قنڌار جا منگول ابتدائي دور ۾ سمن سلطانن جا سهڪاري رهيا هئا، ليڪن ڄام جوڻي جي زماني ۾ انهن سنڌ کي پنهنجي تابع بنائڻ چاهيو ٿي. ان پس منظر ۾ سنڌ ۽ گجرات کي اڃا به وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ، ڄام جوڻي ان قسم جي سڱابندي ڪئي ڏسجي ٿي. هن زماني ۾ ملتان ۾ شيخ يوسف، دهلي سلطنت کان قطع تعلق ڪيو. اڳتي هلي لانگاهن هن شيخ کي شهيد ڪري پنهنجي سلطنت جو اعلان ڪيو. سن 1451ع ۾ لوڌي گهراڻي دهلي سلطنت تي قبضو ڪيو. ياد رهي ته دهلي سلطنت جو هي آخري گهراڻو هو. بعد ۾ بابر، لوڌين جو خاتمو ڪري مغل شهنشاهت جو بنياد رکيو. ڄام جوڻي ڊگهي حڪومت بعد وفات ڪئي. تڏهن سندس لاش گجرات ۾ ”ملڪ ڳوٺ“ ڏي روانو ڪيو ويو. هي ڳوٺ ڄام جي پٽن آباد ڪيو. جڏهن هو ملتاني بزرگ سان گڏ اوڏي ويا هئا، هتي سندن محل ۽ ماڙيون توڙي جاگيرون هيون.[2]

حوالا

  1. {ڪتاب:”مڪلي نامہ“ از :پير حسام الدين راشدي ص120-121 }
  2. {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }