جامعه الازھر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جامعه الازھر

مصرجي شھر قاھرہ ۾ الازھر مسجد
قسم پبلڪ
سرگرم 970/972 – فاطمين ان جو بنياد وڌو
1961 ۾ کيس يونيورسٽي جو درجو مليو
مذهبي لاڳاپو
اسماعيلي اسلام
وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد حسين
پتو قاھرہ، مصر
30°02′45″N 31°15′45″E / 30.04583°N 31.26250°E / 30.04583; 31.26250مڪانيت: 30°02′45″N 31°15′45″E / 30.04583°N 31.26250°E / 30.04583; 31.26250
ڪيمپس شھري
ويب سائيٽ azhar.edu.eg
azhar.eg

جامعه الازھر يا الازھر يونيورسٽي (انگريزي: Al Azher University ) عربي ۾ نالو: جامعة الأزهر (الشريف) مصر جي شھر قاھرہ ۾ الازھر مسجد سان گڏ واقع ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ اسلامي دنيا جي سڀ کان قديم يونيورسٽي آھي.[1] اعليَ تعليم سان گڏوگڏ ھن يونيورسٽي جو پنھنجي اسڪولن جو ھڪ وڏو نيٽورڪ آھي جن ۾ ويھ لکن جي لڳ ڀڳ شاگرد تعليم پرائين ٿا.[2] 1996 تائين چار ھزار کان مٿي تعليمي ادارا ھن يونيورسٽي سان جڙيل ھيا.[3] ھي يونيورسٽي 970ع يا 972ع, ۾ شيعن جي فاطمي خلافت ۾ قائم ٿي ۽ اسلامي تعليم جو مرڪز تي وئي جتي شاگردن کي قرآن، گرامر، منطق، فصاحت بلاغت، چنڊ جي تاريخن جي ڳڻپ جي طريقي ۽ فقه جي تعليم ڏني ويندي هئي. فاطمين شيعه ھوندي بہ ھر مڪتبه فڪر جي تعليم جي اجازت ڏني ھئي. اڄوڪي دؤر ۾ اھا يونيورسٽي دنيا ۾ عربي ادب ۽ اسلامي تعليم جو سڀ کان وڏو مرڪز آهي[4] 1961 ۾ ان جي نصاب ۾ غيرمذھبي موضوعن کي بہ نصاب ۾ شامل ڪرڻ جي شروعات ڪئي وئي[5]. 1960 واري ڏھاڪي ۾ مصر جي صدر جمال عبدالناصر جي قومپرست حڪومت ھن اداري ۾ سڌارا آڻي ان ۾ جديد تعليمي نصاب شروع ڪرايو ، ۽ ان ۾ طب ۽ انجنيئرنگ جي تعليم جي پڻ شروعات ڪئي وئي.[6]. ان سان يونيورسٽي ۾ وسعت اچي وئي ۽ آ جو مذھبي ڪردار گھٽجي ويو[6].

الازھر مدرسي جي تاريخ[سنواريو]

مسجد ۽ يونيورسٽي جي داخل ٿيڻ وارو دروازو

ھن مدرسي جو بنياد فاطمي خلافت ۾ پيو. فاطمي جو مطلب حضرت فاطمه رضه جي اولاد مان آھي. فاطمين ان مدرسي جو نالو الازھر بہ بيبي فاطمه رضه جي لقب زھرہ (روشن) جي نالي سان رکيو[7]. فاطمي ڪمانڊر جوھر الصقلي ان جو بنياد خليفي المعزالدين الله جي حڪم تي مسجد جي حيثيت ۾ وڌو. مسجد جي تعمير مڪمل ٿيڻ بعد خليفين جي عالمن ۽ فقه جي ماھرن جي مسجد ۾ اچي تعليمي سرگرميون ڪرڻ کي ھمٿايو اھڙي طرح مسجد ۾ مدرسو قائم ٿي ويو جيڪو اسلامي دنيا جو سڀ کان پراڻو تعليمي ادارو سمجھيو وڃي ٿو[8]. فاطمي خليفن فلسفي جي علم جي فروغ تي گھڻو زور ڏنو اھڙي طرح يوناني فلسفي جي آجيان ڪئي وئي. فاطمين ٻاھران عالمن کي گهرائي مختلف موضوعن تي معاوضو ڏئي بھترين ڪتاب لکرائي علم کي فروغ ڏياريو. بعد ۾ صلاح الدين ايوبي انھن ڪتابن کي ساڙائي ڇڏيو[9]. فاطمي خلافت بعد مصر تي ايوبي شاھي گھراڻي حڪمراني ڪئي جنھن دؤر ۾ ھن اداري جي اھميت گھٽجي وئي. تيرھين صدي عيسويءَ ۾ مملوڪن جي حڪمراني ۾ ٻيھر ان جي اھميت وڌي پر عثماني خلافت جي دؤر ۾ ھي ادارو عروج تي پھتو ۽ مصر جو سڀ کان وڏو تعليمي ادارو بڻجي ويو[6].1908 ۾ جديد تعليم لاء قاھرہ يونيورسٽي جي قائم ٿيڻ کان اڳ جامعه الازھر اعليَ تعليم لاء مصر م واحد ادارو ھيو[6].1812 کان اول ھن ادارو مذھبي چندي يا وقف تي ھلندو ھيو پر ان سال کان ان جا مالياتي معاملا رياست جي سنڀال ۾ آيا[6].

حوالا[سنواريو]

  1. Delman, Edward (February 26, 2015). "An Anti-ISIS Summit in Mecca". The Atlantic. https://www.theatlantic.com/international/archive/2015/02/ISIS-summit-Islam-Obama/386303. 
  2. Brown, Nathan J. (September 2011). Post-Revolutionary al-Azhar. Carnegie Endowment for International Peace. p. 4. http://carnegieendowment.org/files/al_azhar.pdf. Retrieved 4 April 2015. 
  3. Roy, Olivier (2004). Globalized Islam: The Search for a New Ummah. Columbia University Press.. pp. 92–3. ISBN 9780231134996. https://books.google.com/?id=b9eFGcsWnwEC&pg=PA92&dq=conservative+islam#v=onepage&q=conservative%20islam&f=false. Retrieved 4 April 2015. "In Egypt the number of teaching institutes dependent on Al-Azhar University increased from 1855 in 1986-7 to 4314 in 1995-6." 
  4. "Al-Azhar University". Encyclopædia Britannica Online. Encyclopædia Britannica. حاصل ڪيل 2015-08-19. 
  5. Skovgaard-Petersen, Jakob. "al-Azhar, modern period." Encyclopaedia of Islam, THREE. Edited by: Gudrun Krämer, Denis Matringe, John Nawas and Everett Rowson. Brill, 2010, retrieved 20/03/2010: Al-Azhar, the historic centre of higher Islamic learning in Cairo, has undergone significant change since the late 19th century, with new regulations and reforms resulting in an expanded role for the university. 1. From madrasa to university-
  6. 6.0 6.1 6.2 6.3 6.4 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 79-80 ,
  7. Halm, Heinz. The Fatimids and their Traditions of Learning. London: The Institute of Ismaili Studies and I.B. Tauris. 1997.
  8. Shorter Shi'ite Encyclopaedia, By: Hasan al-Amin, http://www.imamreza.net/old/eng/imamreza.php?id=574
  9. Shorter Shi'ite Encyclopaedia, By: Hasan al-Amin, http://www.imamreza.net/old/eng/imamreza.php?id=574-