صلاح الدين ايوبي

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

اسلام جو مشهور فاتح ۽ سلطان، جنهن صليبي جنگين ۾ عيسائين کي شڪستون ڏئي، مسلمانن جو سر اوچو ڪيو. صلاح الدين جو اصل نالو يوسف ۽ سندس والد جو نالو نجم الدين ايوب هو. انهيءَ نسبت سان هن جي خاندان کي ”ايوبي“ ڪري سڏيو ويندو آهي. سندس تعلق ڪرد خاندان سان هو. سندس ڏاڏي ”شاذي“ جي بهروز جمال الدوله سان پڪي دوستي هئي. بهروز جمال الدوله بغداد جي عباسي خليفه ”المستظهر بالله“ جي دور ۾ عراق جو ناظم الامور هو. جڏهن کيس جمال الدوله جي نالي سان عراق جو نائب السلطنت مقرر ڪيو ويو، تڏهن پاڻ ”شاذيءَ“ کي پنهنجو نائب بنائي تڪريت روانو ڪيو. ڪجهه وقت کان پوءِ شاذيءَ جي وفات ٿي، جنهن کان پوءِ تڪريت جي عملداري شاذيءَ جي وڏي پٽ ۽ صلاح الدين جي پيءُ ”نجم الدين ايوب“ کي ملي.
نجم الدين ايوب نهايت ذهين، داناءُ ۽ مدبر شخص هو. ليڪن کانئس هڪ سياسي غلطي ٿي، جيڪا شروع ۾ ته نهايت تڪليفده ثابت ٿي، پر انجام ڪار نهايت نيڪ فال ٿيو.
سن 526هجريءَ ۾ سلطان سنجر جي دعوت تي عماد الدين زنگيءَ بغداد تي حملو ڪيو، پر خليفي المسترشد بالله ۽ جمال الدوله گڏجي کيس شڪست ڏني. هن جنگ ۾ عماد الدين سخت زخمي ٿي پيو، ۽ موٽندي تڪريت جي ويجهو ترسيو. نجم الدين ايوب نه فقط ساڻس ملڻ آيو، بلڪ جراحن کي گهرائي سندس علاج به ڪريائين ۽ جيستائين عمادالدين بلڪل چاق نه ٿيو، تيستائين کيس وڃڻ نه ڏنائين.
هن رويي جي ڪري بهروز جمال الدوله کي سخت رنج ٿيو ۽ بغداد مان هڪ حڪم نامو نجم الدين ايوب کي موڪليائين، جنهن ۾ لکيائين ته ”تنهنجي پيءُ جو مون تي حق هو ۽ اسان ٻنهي ۾ پڪي دوستي هئي. انهيءَ دوستي جي حق جي سبب مون لاءِ ممڪن نه آهي ته مان توکي ڪا سزا ڏيان يا توکي مون کان ڪا تڪليف پهچي. پر منهنجي خواهش آهي ته تون منهنجي ملازمت ڇڏ ۽ منهنجي ملڪ مان نڪري وڃ ۽ ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي پنهنجي روزي تلاش ڪر.“
بهرحال جنهن رات نجم الدين تڪريت جو قلعو ڇڏيو، تنهن رات سندس زال کي ويم جا سور ٿيا. آخر اڌ رات جو جلاوطن ٿيندڙ ماءُ کي 532هجري مطابق 1138ع ۾ تڪريت ۾ صلاح الدين ڄائو.
نجم الدين ايوب تڪريت مان نڪري موصل طرف روانو ٿيو، جتي عماد الدين زنگي حاڪم هو. پاڻ جڏهن موصل پهتو ته نور الدين زنگيءَ سندس آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کيس پنهنجي درٻار ۾ اهم حيثيت ڏني ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ بعلبڪ فتح ڪري کيس اتان جي عملداري عنايت ڪئي.
امير عماد الدين زنگي نهايت دور انديش ۽ نظم و ضبط جي ڪري، قابل ۽ مشهور حاڪم ٿي گذريو آهي. انهيءَ مسلمانن جي قيادت اهڙي وقت سنڀالي، جڏهن عيسائي پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي چڪا هئا. انهن مسلمانن کي هر طرح سان ختم ڪرڻ جون تياريون ڪري ڇڏيون هيون. 1146ع ۾ جڏهن صلاح الدين جي عمر اڃان 8 سال کن هئي، ته ان وقت سلطان عماد الدين زندگيءَ کي، سندس هڪ فرانسيسي غلام شهيد ڪري ڇڏيو. ان جي وفات کان پوءِ، سندس پٽ نور الدين زنگي حلب جو امير بڻيو، جڏهن ته وڏو پٽ سيف الدين غازيءَ وري موصل تي حاڪم ٿيو.
عمادالدين جي قوت جڏهن هن نموني تقسيم ٿي وئي، تڏهن دمشقجي حڪمران مجيد الدين ارتق بن بوري، جيڪو بعلبڪ جو پهريون حاڪم هو، تنهن بعلبڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ چڙهائي ڪئي.
نجم الدين ايوب ۾ دمشقجي فوج سان مقابلي جي سگهه ڪانه هئي، تنهن ڪري هن سيف الدين غازيءَ کي مدد لاءِ لکيو، پر جيئن ته سيف الدين غازيءَ لاءِ حالات خود ناساگاز هئا، تنهن ڪري هو مدد ڏئي نه سگهيو. لاچار نجم الدين چند شرطن تي پيش پيو، شرط هي هئا ته کيس دمشق ۾ رهڻ لاءِ هڪ جاءِ ڏني ويندي ۽ خاندان جي گذر لاءِ هڪ جاگير عنايت ڪئي ويندي.
نجم الدين جڏهن دمشق۾ آيو. تڏهن پنهنجي دانائي ۽ حڪمت سان جلد ئي ترقي ڪئي ۽ ڪجهه سالن ۾ دمشق جو سڀ کان وڏو سياستدان تسليم ٿيڻ لڳو. جڏهن دمشق جي وزير معين الدين وفات ڪئي، تڏهن بادشاهه کيس پنهنجو مشير اعليٰ بڻايو ۽ گڏوگڏ فوج جو سپهه سالار به مقرر ڪيو.
نجم الدين جي دلي تمنا هئي ته دمشق ۽ حلب هڪ ئي حڪمران جي ماتحت رهن. جيئن ته هن جون همدرديون پنهنجي محسن عماد الدين جي پٽ نور الدين محمود سان هيون ۽ جنهن جي درٻار ۾ هن جو ننڍو ڀاءُ اسد الدين شيرڪوه سپهه سالار به هو. انهيءَ کان سواءِ نجم الدين جي مدبرانه نگاهه مسيحيت جي وڌندڙ خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ نور الدين ۾ صلاحيتون ڏٺيون، تنهن ڪري هن نور الدين کي دمشق تي قبضي ڪرڻ جي ترغيب ڏني.
نورالدين کي خود به دمشق تي قبضو ڪرڻ جي خواهش هئي، تنهن اشارو ملندي هڪدم پنهنجي سپهه سالار اسدالدين شير ڪوه کي هڪ هزار تيز رفتار سوارن سان اڳ ۾ روانو ڪيو ۽ پٺيان پنهنجي سموري فوج وٺي اڳتي وڌيو. ڏينهن ڏينهن جي سخت گهيري کان پوءِ دمشق تي نورالدين جو قبضو ٿيو ۽ نجم الدين کي اعليٰ عهدي تي فائز ڪيائين. سلطان صلاح الدين جي زندگيءَ جو ڳچ عرصو پڻ شام ۾ ئي گذريو هو.
چون ٿا ته خلفاءِ راشدين ۽ عمر بن عبدالعزيز جي خلافت کان پوءِ اسلامي دنيا ۾ نورالدين زنگيءَ جهڙو سٺي سيرت ۽ پاڪيزه خيالن وارو مسلمان حاڪم ٻيو ڪوبہ نہ ٿي گذريو آهي.
جڏهن عيسائين گڏجي مسلمانن خلاف صليبي جنگيون شروع ڪيون، يورپي ملڪن وڏو لشڪر تيار ڪري، شام ۽ فلسڀطين مان مسلمانن کي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته سلطان نورالدين زنگيءَ، عيسائين جو زور ٽوڙڻ لاءِ ۽ مصر ۾ پنهنجي طاقت کي وڌائڻ لاءِ، صلاح الدين جي چاچي، شيرڪوه کي ان مقصد لاءِ مصر روانو ڪيو. صلاح الدين جي عمر ان وقت 26 سال هئي. هو پاڻ به چاچي سان گڏ مصر هليو ويو. مصر ۾ عيسائين سان ڪيل جنگين دوران، شيرڪوه فوت ٿي ويو. جنهن ڪري نور الدين زنگيءَ، صلاح الدين ايوبيءَ کي مصر جو حاڪم مقرر ڪيو. ان سان گڏ کيس ”الملڪ الناصر“ جو لقب پڻ عطا ڪيائينس. صلاح الدين سن 569 هجريءَ ۾ 32 سالن جي عمر ۾ يمن به فتح ڪيو. تنهن کان پوءِ بغداد جي خليفي، کيس شام جو سلطان مقرر ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته بعداد جي خليفي جي اڪيلي پٽ نورالدين جي وفات کان پوءِ وٽس ڪو لائق اولاد نه هو. اهڙيءَ طرح سان مصر ۾ فاطمي حڪومت جي خاتمي سان گڏ، سلطان ايوبي شام ۽ مصر جو گڏيل حاڪم ٿي ويو. هن پنهنجي اعليٰ صلاحيتن ۽ جنگي ڪاميابين جي ڪري ايتري ته قوت حاصل ڪئي، جو عيسائين جي هيڏي ساري ۽ گڏيل لشڪر سان پڻ مقابلا پئي ڪيائين ۽ عيسائين سان ڪيترين ئي جنگين ۾ صليبي لشڪر کي شڪستون ڏنائين. ايتري قدر، جو انهن کي شام ۽ فلسطين مان به بي دخل ڪري 80 سالن بعد سن1187ع ۾ بيت المقدس تي ٻيهر اسلامي جهنڊو ڦڙڪايائين. اهڙيءَ طرح سان مسلمانن کي سندن پهريون قبلو ٻيهر ملي ويو.
سلطان صلاح الدين ايوبي، نه رڳو بهادر سپهہ سالار ۽ اعليٰ منتظم ٿي گذريو آهي، پر با اخلاق ۽ سهڻي سلوڪ جو صاحب پڻ هوندو هو. سندس اعليٰ اخلاق ۽ حسن سلوڪ جي تعريف عيسائين پڻ دل کولي ڪئي آهي. سلطان ايوبيءَ جنگ توڙي امن ۾ ڪنهن به عيسائي شهريءَ کي نه رنجايو، ۽ نه زيادتي ڪئي.
تاريخ ۾ ڄاڻايل آهي ته قدرت هن عظيم فاتح کي، مسلمانن لاءِ هڪ اهڙو تحفو ڪري موڪليو هو، جنهن جنگين ۾ ڪڏهن به شڪست ڪونه کاڌي. سڄي يورپ جا عيسائي ”صليبي“ اصطلاح هيٺ گڏ ٿيڻ باوجود، هن عظيم سپاهيءَ هٿان زبردست شڪستون کائيندا رهيا. عيسائين جي عظيم اڳواڻ شيردل رچرڊ، سلطان ايوبيءَ کي پنهنجي دوستي، ۽ محبت جي آڇ ڪئي. اهڙيءَ طرح سان هڪ ٺاهہ تحت، رچرڊ واپس يورپ هليو ويو.
صلاح الدين ايوبيءَ ٽڙيل پکڙيل مسلمانن کي هڪ جهنڊي هيٺ گڏ ڪري،. چڱي حد تائين ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن پنهنجي اسلامي حڪمت ۾ نظم و ضبط پيدا ڪيو. مصر تي 24 سال ۽ شام تي 19 سال حڪومت ڪيائين. سندس زندگيءَ جو ڳچ عرصو لڙائين ۾ گذريو.
پاڻ 12هين صديءَ جي آخر دوران مصر، شام، فلسطين، الجزيره ۽ يمن تي وڏي شان ۽ شوڪت سان حڪومت ڪئي ۽ آخرڪار 1193ع ۾ شام جي شهر، دمشق ۾ وفات ڪيائين. سندس وفات جو سبب ٿڌ لڳڻ ٻڌايو وڃي ٿو.

Incomplete-document-purple.svg ھي ھڪ ڪچو مضمون آھي۔ توھان ھن ۾ اضافو ڪري وڪيپيڊيا کي سنواري سگھو ٿا۔
صلاح الدين ايوبي
تاريخ پيدائش: 1138ع
جاء پيدائش: تڪرت، عراق
تاريخ وفات: 4 مارچ 1193ع
جاء وفات: دمشق ، شام
مدفن: اموي مسجد، دمشق، شام