مواد ڏانھن هلو

بحري جھاز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بحري جھاز
فيڊر شپ، "آئرس بولٽن" ڪنٽينر ٽرمينل، التينوردر، هيمبرگ، جرمني جي بندرگاهه تي
فيڊر شپ، "آئرس بولٽن" ڪنٽينر ٽرمينل، التينوردر، هيمبرگ، جرمني جي بندرگاهه تي

سمنڊ ۾ هلندڙ جهازن کي بحري جهاز چيو ويندو آهي. انساني ارتقا دوران جڏهن انسان وڌيڪ سمجهدار ٿيو ۽ ڪاٺيءَ کي پاڻيءَ ۾ ترندي ڏٺائين، ته پوءِ هو ڪاٺين ذريعي دريائن ۽ سمنڊن ۾ ترڻ لڳو. انسان جيئن جيئن ترقي ڪندو ويو، تيئن هن ڪاٺين کي گڏي کُڏ جيان ٻيڙيءَ جو بنياد وڌو ۽ ان تي ويهي سفر ڪرڻ لڳو ۽ ان ذريعي سامان کڻڻ شروع ڪيائين. اهڙيءَ طرح انسان ترقي ڪري ٻيڙي ٺاهي.

هڪ بحري جهاز هڪ وڏي گاڏي آهي جيڪا دنيا جي سمنڊن ۽ ٻين بحري رستن تي، سامان يا مسافرن کي کڻڻ يا خاص مشن، جهڙوڪ دفاع، تحقيق ۽ مڇي مارڻ لاء سفر ڪري ٿي. بحري جهاز کي عام طور تي ٻيڙين کان، سائيز، شڪل، لوڊ گنجائش ۽ مقصد جي بنياد تي، ڌار ڪيو ويندو آهي. بحري جهازن جي ڳولا، واپار، جنگ، لڏپلاڻ، نوآباديات ۽ سائنس جي حمايت ڪئي آهي. دنيا جي واپار جي سڀ کان وڏي حصي لاء بحري جهاز جي ٽرانسپورٽ ذميوار آهي. لفظ جهاز (Ship) جا معنيٰ، زمان ۽ مڪان جي لحاظ کان مختلف آهن، يا ته فقط هڪ وڏو جهاز يا خاص طور تي ٽن يا وڌيڪ مستول سان ڀريل جهاز، جنهن مان هر هڪ چورس رگيل هوندو آهي.

ٻيڙين جو قديم ترين تاريخي ثبوت مصر ۾ چوٿين صدي قبل مسيح ۾ ملي ٿو.[1] سال 2024ع ۾، جهازن جي عالمي سامان جي گنجائش 2.4 ارب ٽن هئي. ٽن وڏن قسمن سان گڏ، جهاز خشڪ بلڪ سامان (43 سيڪڙو)، آئل ٽينڪر (28 سيڪڙو) ۽ ڪنٽينر جهاز (14 سيڪڙو) آهن.[2]

تاريخ مان پتو پوي ٿو ته 6300 ق.م ۾ پهرين ٻيڙي ٺاهي ويئي، جنهن جا آثار ماهرن ڳوليا. 400 ق.م ۾ مصرين ڊگهين ٻيڙين ٺاهڻ جو رواج وڌو ۽ پوءِ سڙهن جو استعمال ڪيو. ان سان اهو فائدو ٿيو، جو ٻيڙي درياءُ جي اوڀاري طرف به هلڻ لڳي. ان کان پوءِ جنگين ۾ به ان جي اهميت وڌي وئي. واپار جي لحاظ سان پڻ ڪارائتي ثابت ٿي.

سال 1200 ق.م ۾ يونانين ۽ فونيشيئن، رومي سمنڊ تي قبضو ڪري وڏن ٻيڙن سان واپار شروع ڪيو. جڏهن ته 100 ق.م ۾ رومين هڪ وڏو بحري ٻيڙو ٺاهيو هو. جنهن جي ڊيگهه 180 فٽ ۽ ويڪر 45 فٽ هئي. سنڌو تهذيب جي آثارن مان پڻ پتو پوي ٿو ته تڏهوڪي دور ۾ به سنڌي ماڻهن جو ٻيڙن ذريعي پرانهن ملڪن سان واپاري رستو هو.

سال 1736ع ۾ ٻيڙيءَ جي اهميت ۾ واڌارو ٿيو ۽ ان کان پوءِ ته فرانس ۽ برطانيه ۾ ٻيڙين ٺاهڻ جون ڪمپنيون کلي پيون. رابرٽ فلٽن ارڙهين صديءَ ۾ تارپيڊو ۽ آبدوز ٻيڙيون تيار ڪيون. هاڻوڪي دؤر ۾ پاڻيءَ جا جهاز مسافرن ۽ واپار لاءِ ڪارامد ذريعو آهن. ان کان سواءِ فوجي سگهه لاءِ به بحري جهاز ڪتب اچن ٿا، جنهن جو مثال پهرين ۽ ٻي مهاڀاري لڙائي آهي.[3]

حوالا

[سنواريو]