بحري جھاز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سمنڊ ۾ هلندڙ جهازن کي -بحري جهاز- چيو ويندو آهي. انساني ارتقا دوران جڏهن انسان وڌيڪ سمجهدار ٿيو ۽ ڪاٺيءَ کي پاڻيءَ ۾ ترندي ڏٺائين، ته پوءِ هو ڪاٺين ذريعي دريائن ۽ سمنڊن ۾ ترڻ لڳو. -انسان- جيئن جيئن -ترقي- ڪندو ويو، تيئن هن ڪاٺين کي گڏي کُڏ جيان ٻيڙيءَ جو بنياد وڌو ۽ -ان- تي ويهي سفر ڪرڻ لڳو ۽ -ان- ذريعي سامان کڻڻ شروع ڪيائين. اهڙيءَ طرح -انسان- -ترقي- ڪري -ٻيڙي- ٺاهي. -تاريخ- مان -پتو- پوي ٿو ته 6300 ق.م ۾ پهرين -ٻيڙي- ٺاهي ويئي، جنهن جا آثار ماهرن ڳوليا. 400 ق. م ۾ مصرين ڊگهين ٻيڙين ٺاهڻ جو رواج وڌو ۽ پوءِ سڙهن جو استعمال ڪيو. -ان- سان اهو فائدو ٿيو، جو -ٻيڙي- درياءُ جي اوڀاري طرف به هلڻ لڳي. -ان- کان پوءِ جنگين ۾ به -ان- جي اهميت وڌي وئي. واپار جي لحاظ سان پڻ ڪارائتي ثابت ٿي. 1200 ق. م ۾ يونانين ۽ فنيڪين، ميڊيٽيرين سمنڊ تي قبضو ڪري وڏن ٻيڙن سان واپار شروع ڪيو. جڏهن ته 100 ق. م ۾ رومين هڪ وڏو بحري -ٻيڙو- ٺاهيو هو. جنهن جي ڊيگهه 180 فٽ ۽ ويڪر 45 فٽ هئي. سنڌو -تهذيب- جي آثارن مان پڻ -پتو- پوي ٿو ته تڏهوڪي دور ۾ به سنڌي ماڻهن جو ٻيڙن ذريعي پرانهن ملڪن سان واپاري رستو هو. 1736ع ۾ ٻيڙيءَ جي اهميت ۾ واڌارو ٿيو ۽ -ان- کان پوءِ ته فرانس ۽ برطانيه ۾ ٻيڙين ٺاهڻ جون ڪمپنيون کلي پيون. رابرٽ فلٽن ارڙهين صديءَ ۾ تارپيڊو ۽ آبدوزي جهاز تيار ڪيا. هاڻوڪي دؤر ۾ پاڻيءَ جا جهاز مسافرن ۽ واپار لاءِ ڪارامد ذريعو آهن. -ان- کان سواءِ فوجي سگهه لاءِ به -بحري جهاز- ڪتب اچن ٿا، جنهن جو مثال پهرين ۽ ٻي مهاڀاري لڙائي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]