انگريزي ادب
هن آرٽيڪل ۾ انگريزي ادب جي نسبت انگريزي ٻولي جي ادب تي فوڪس ڪيو ويو آهي ، تنهن ڪري هن ۾ اسڪاٽلينڊ ، ويلز ، تاج انحصاري ۽ آئرلينڊ جا ليکڪ شامل آهن ، انهي سان گڏ اڳوڻي برطانوي سلطنت جي ملڪن کانسواءِ آمريڪا ۽ 19 صدي ۾ لکيل انگريزي ادب به شامل آهي .
نگريزي ٻولي 1400 سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين ترقي ڪئي آهي. انگريزي جي شروعاتي شڪل يا نمونو اينگلو فريسين لھجو ھو جيڪو پنجين صدي ۾ اينگلو سيڪسنس (Anglo-saxons) انگلو سيڪسنس حملي آورن طرفان برطانيه ۾ آندو ويو ان کي اولڊ انگلش (Old English) يعني پراڻي انگريزي سڏجي ٿو.
بيوولف (Beowulf) اولڊ انگلش جو مشهور ادبي ڪم آهي ۽ انگلينڊ ۾ قومي اپڪ (Epic) جي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي . بيوولف 'scandinavian' لهجي ۾ لکيل آهي . جيتوڻيڪ ، 1066 ع ۾ انگلينڊ جي نارمن فتح کانپوءِ اينگلو سيڪسن ٻولي جو استعمال گھٽ ثي ويو . نئين اشرافيه جي اثر هيٺ ، فرنڇ يعني فرانسيسي ٻولي رهي جيڪا عدالتن ، پارليامينٽ ۽ شائسته معاشري جي معياري ٻولي بڻجي وئي . نورمنس اچڻ بعد ، ڳالهائي ويندڙ انگريزي ٻولي وچولي انگريزي طور سڃاتو وڃي ٿي . انگريزي جو هي فارم 1470ع تائين برقرار رهيو ، جيسيتائين chancery standard لنڊن واري انگريزي پري پري تائين پکڙجي وئي .
جعفري چاسر (1400-1343) Canterbury Tales جو ليکڪ ،جنھن وچولي انگريزي کي قانوني شڪل ڏني ، تڏھن انگلستان تي فرانسيسي ۽ لاطيني ٻوليون غالب ھيون .