مواد ڏانھن هلو

چنگھائي صوبو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
چِنگھَائِي

Qinghai
ھوھ شل وارو خطو عالمي ورثو قرار ڏنل آهي
ھوھ شل وارو خطو عالمي ورثو قرار ڏنل آهي
Map showing the location of Qinghai Province
نقشي ۾ چنگھائي صوبو نمايان ڏيکاريل
Coordinates: 35°N 96°E / 35°N 96°E / 35; 96
ملڪ عوامي جمهوريه چين
سڃاڻپاھو نالو چنگھائي ڍنڍ جي نالي مان نڪتل آهي جنھن جي معنيَ آهي نيري/ سائي ڍنڍ
گادي جو هنڌ
(۽ سڀ کان وڏو شھر)
شيننگ
انتظامي ورهاست8 پريفيڪچر، 43 ڪائونٽيون، 429 ٽائون شپ
حڪومت
• طرزصوبائي حڪومت
• باڊيچنگھائي صوبائي پيپلز ڪانگريس
• چيني ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽريوانگ جيئانجن
• صوبائي پيپلز ڪانگريس جو چيئرمينوانگ جيئانجن
• گورنرشن چانگشنگ
• پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمينڊارجي رابٽين
ايراضي
• ڪل720,000 چورس ڪلوميٽر (280,000 چورس ميل)
ايراضي درجوچوٿون وڏو صوبو
آبادي
 (2010)[2]
• ڪل5,626,722
• اندازو
(2019)
6,080,000
• درجو30 ھون نمبر صوبو
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
• ڪثافتي درجو30th
Demographics
ISO 3166 ڪوڊCN-QH
GDP (2017 [3])CNY 264.28 billion
USD 39.14 billion (30th)
 • per capitaCNY 44,348
USD 6,568 (23rd)
HDI (2018)Increase 0.686[4]
medium · 28th
ويب سائيٽhttp://www.qh.gov.cn/
(Simplified Chinese)
چنگھائي صوبو
"چنگھائي" چيني ٻولي ۾
چیني نالو
چیني 青海
لغوي معنیٰ "چنگھائي ڍنڍ"
تبتي نالو
تبتي མཚོ་སྔོན་
منگولیائی نام
منگولیائی نص ᠬᠥᠬᠡ
ᠨᠠᠭᠤᠷ
مانچو نالو
مانچو ᡥᡠᡥᡠ
ᠨᠣᠣᡵ
Oirat نام
Oirat Kokonur

چِنگھَائِي(انگريزي: Qinghai )About this sound 青海 ; پھرين Tsinghai ۽ Ch'inghai طور رومانيو ويندو ھو پر ھاڻي رومن ۾ Qinghai لکيو وڃي ٿو[5]. ھن صوبي کي ڪوڪونور(انگريزي: Kokonur ) پڻ سڏين ٿا. اھو اتر اولھ چين ۾ واقع عوامي جمهوريه چين جو ھڪ صوبو آهي. پکيڙ ۾ چين جو چوٿون وڏو صوبو آھي. ھن صوبي جي گادي جو هنڌ شيننگ آهي. ھن صوبي جي اتر اوڀر ۾ گينسو، اتر اولھ ۾ سنڪيانگ واري خودمختيار ريجن، ڏکڻ اوڀر ۾ سيچوان ۽ ڏکڻ اولھ ۾ تبت واقع آهن. ھن صوبي جو قيام 1928ع ۾ جمھوريه چين ۾ واقع ٿيو. ان کان اڳ ھن صوبي تي ھئي نسل جي مسلمان جنگي سردارن جي حڪومت ھئي جن کي ما قليچ سڏيو ويندو هو. چيني لفظ چنگھائي اصل ۾ ھڪ ڍنڍ جي نالو آهي جنھن تان ھن علائقي تي پئجي ويو.

چنگھائي ڍنڍ جو منظر

چنگھائي ڍنڍ چين جي سڀ کان وڏي ڍنڍ آهي. ھن صوبي جي آبادي 56 لک آھي جيڪا 37 کان مٿي نسلي گروهن جي ماڻھن تي مشتمل آهي.

تاريخ

[سنواريو]

ھي علائقو 1640ع کان 1724ع تائين ھي علائقو منگول کوشوت جي اختيار ھيٺ رھيو ۽ 1724ع ۾ چين جي چنگ گھراڻي ان کي فتح ڪري پنھجي راڄ ۾ شامل ڪري ڇڏيو[6] موجوده گادي شيننگ اصل ۾ تبت جي سرحدي ضلعي گينسو جو حصو ھيو جنھن کي چنگھائي جو انتظامي مرڪز بڻايو ويو[7][8]. چنگ گھراڻي جي راڄ ۾ گورنر چنگ شھنشاھ جو وائسراءِ (نائب) ھوندو ھو پر مقامي نسلي گروهن کي ڪافي خوداختياري حاصل ھئي ۽ قبائلي سردارن جو مقامي انتظاميا تي وڏو اثر رسوخ ھيو[9] 1862ع جي کان 1877ع تائين ٿيل دونگان واري انقلاب دوران مسلمانن جي ھئي نسل واري آبادي بغاوت ڪرڻ ڪري شئانڪسي ۾ تباھ ٿي چڪي ھئي ۽ ھجرت ڪري گينسو ۽ چنگھائي منتقل ٿي. دونگان واري ٻئين انقلاب (1895-1896) ۾ چنگھائي جي مسلمانن چنگ گھراڻي جي ايمپائر خلاف بغاوت ڪئي ھئي. 1911 ۾ شينھائي انقلاب ذريعي چنگ گھراڻي جي ايمپائر جي خاتمي سان چنگھائي چيني مسلمانن جي سردار ما چي جي اختيار ھيٺ اچي ويو پر بعد ۾ 1928ع ۾ جمھوريه چين اھو علائقو اتر واري فوجي مھم دوران پنھنجي اختيار ۾ آڻي ان کي جمھوريه چين ۾ ضم ڪري ڇڏيو. جولاءِ-آگسٽ 1912ع ۾ جنرل ما فوشيانگ ڪوڪونور (چنگھائي) جو ڊي فيڪٽو قائم مقام چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر يا گورنر مقرر ٿيو[10]. 1928ع ۾ چنگھائي صوبو قائم ڪيو ويو جنھن جو مسلمان سردار ما چي فوجي گورنر مقرر ٿيو جنھن بعد ان جو ڀاء ما لن ان عھدي تي مقرر ٿيو ۽ پوءِ ما چي جو پٽ ما بوفانگ جي مقرري ٿي. 1932ع ۾ تبت چنگھائي تي حملو ڪيو ۽ ان جي ڏاکڻي حصي تي قبضي جي ڪوشش ڪئي. بوفانگ جي فوج تبتي فوج کي شڪست ڏني. بوفانگ لاء چيو وڃي ٿو ته سوشلسٽ خيالن جو ھو[11] [12]. چين جاپان جنگ ۾ چين وڏو حصو تباھ ٿي چڪو ھو پر چنگھائي محفوظ رھيو. ما بوفانگ فوج م ھئي ۽ سالار نسلن جي مسلمانن جي ڀرتي ڪري انھن جو چنگھائي ۾ اھميت کي وڌائي ڇڏيو[13]. جنرل ما اتي رياستي صنعتڪاري وارا منصوبا شروع ڪيا. ان کان سواءِ تعليمي، طبي، زرعي ۽ شھري صفائي وارن منصوبن کي پڻ رياستي بنياد تي ھلايو. ھن کاڌي لاء پئسا ۽ اسرڪاري ۽ نجي سڪول ۾ يونيفارم مھيا ڪيا. روڊ ۽ ٿيئٽر تعمير ڪرايا. پريس کي ڪنٽرول ۾ آڻي صحافتي آزادي کي ختم ڪيو[14]. 1949ع واري سوشلسٽ انقلاب جڏھن چنگھائي تائين پھتو ما بوفانگ پنھنجو عھدو ڇڏي ھانگ ڪانگ ڀڄي ويو. پوء پرڏيھ ھليو ويو ۽ چين وري نہ موٽيو. چين م شامل ٿيڻ بعد پھرين جنوري 1950ع تي چنگھائي صوبي ۾ صوبائي پيپلز حڪومت جو اعلان ڪيو ويو. صوبي جي جاگرافي ۾ معمولي تبديلي سان ان جي پراڻي جاگرافيائي حيثيت کي برقرار رکيو ويو[15]. ھئي نسل جي مسلمانن ڪومنتانگ طرفان ڪميونسٽ راڄ جي خلاف مزاحمت 1958ع تائين جاري رکي. ھئي ماڻھو چنگھائي جي آبادي جو 15.6 سيڪڙو ھيا ۽ ننگشيا کان پوءِ چنگھائي ۾ وڏي تعداد ۾ رھندڙ اقليت ھيا

حوالا

[سنواريو]
  1. "Qinghai Province". Qinghai Province Department of Commerce. اصل نسخو مان 4 مارچ 2016 تي محفوظ ڪيل. 5 آگسٽ 2013 تي حاصل ڪيل.
  2. "Communiqué of the National Bureau of Statistics of People's Republic of China on Major Figures of the 2010 Population Census [1] (No. 2)". National Bureau of Statistics of China. 29 April 2011. اصل نسخو مان July 27, 2013 تي محفوظ ڪيل. 4 August 2013 تي حاصل ڪيل.
  3. 青海省2017年国民经济和社会发展统计公报 [Statistical Communiqué of Qinghai Province on the 2017 National Economic and Social Development] (چيني ۾). Statistical Bureau of Qinghai Province. 2018-02-27. 2018-06-22 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: line feed اکر in |trans-title= at position 24 (مدد)
  4. "Sub-national HDI – Subnational HDI – Global Data Lab". globaldatalab.org. 2020-04-17 تي حاصل ڪيل.
  5. 中国地名录 (2nd ڇاپو). Beijing: China Maps Press. 1995. ص. 309. ISBN 7-5031-1718-4.
  6. The Times Atlas of World History. (Maplewood, New Jersey: Hammond, 1989) p. 175
  7. Louis M. J. Schram (2006). The Monguors of the Kansu-Tibetan Frontier: Their Origin, History, and Social Organization. Kessinger Publishing. ص. 17. ISBN 1-4286-5932-3. 2010-06-28 تي حاصل ڪيل.
  8. Graham Hutchings (2003). Modern China: a guide to a century of change (illustrated, reprint ڇاپو). Harvard University Press. ص. 351. ISBN 0-674-01240-2. 2010-06-28 تي حاصل ڪيل.
  9. M.C. Goldstein (1994). Barnett and Akiner (مرتب). Change, Conflict and Continuity among a community of nomadic pastoralists—A Case Study from western Tibet, 1950–1990., Resistance and Reform in Tibet. London: Hurst & Co.
  10. Henry George Wandesforde Woodhead, Henry Thurburn Montague Bell (1969). The China year book, Part 2. North China Daily News & Herald. ص. 841. 2011-06-05 تي حاصل ڪيل.
  11. John Roderick (1993). Covering China: the story of an American reporter from revolutionary days to the Deng era. Imprint Publications. ص. 104. ISBN 1-879176-17-3. 2010-06-28 تي حاصل ڪيل.
  12. Felix Smith (1995). China pilot: flying for Chiang and Chennault. Brassey's. ص. 140. ISBN 1-57488-051-9. 2010-06-28 تي حاصل ڪيل.
  13. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Goodman
  14. Werner Draguhn; David S. G. Goodman (2002). China's communist revolutions: fifty years of the People's Republic of China. Psychology Press. ص. 38. ISBN 0-7007-1630-0. 2011-04-09 تي حاصل ڪيل.
  15. Blondeau, Anne-Marie; Buffetrille, Katia (2008). Authenticating Tibet: Answers to China's 100 Questions. University of California Press. ص. 203–205. It is often assumed that this current policy [of not politically uniting all ethnically Tibetan areas] reflects the PRC leadership's intention to divide and rule Tibet, but this assumption is not wholly accurate.... The PRC cemented the [historical] status quo by keeping Amdo/Qinghai as a separate, multinational province... China does not reverse perceived territorial acquisitions. Hence, all territories that escaped the domination of Lhasa in recent history remained attached to the neighboring Chinese constituencies they tended to be under the influence of.