مواد ڏانھن هلو

گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن سکر

گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن سکر
قسمسرڪاري استادن جي تربيتي ڪاليج
سرگرم21 ڊسمبر 1962ع
پرنسپالپروفيسر عطاءُ الله سميجو
Addressشڪارپور روڊ، سکر، سکر، سنڌ، پاڪستان
27°42′40.26″N 68°50′37.91″E / 27.7111833°N 68.8438639°E / 27.7111833; 68.8438639
لاڳاپاشاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور

گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن سکر (انگريزي ٻولي: Government College of Education Sukkur) سنڌ جي شهر سکر ۾ واقع ھڪ سرڪاري تربيتي ادارو آھي، جيڪو خاص طور تي استادن جي پيشورانہ تعليم ۽ تربيت لاءِ قائم ڪيو ويو آھي. ھي ڪاليج بنيادي طور تي پري سروس استادن کي تربيت ڏيڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آھي ۽ ھن وقت چار سالن تي مشتمل بي ايڊ آنرس پروگرام آڇي ٿو. ڪاليج جو الحاق شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سان آھي.

هي ادارو سکر جي شڪارپور روڊ تي واقع آهي ۽ سنڌ جي اترين ضلعن مان ايندڙ شاگردن کي استادن جي تعليم مھيا ڪري ٿو. ڪاليج ۾ داخلا ميرٽ جي بنياد تي ڏني ويندي آهي.

تاريخ

[سنواريو]
ڪاليج جي پيڙھ جو پٿر

گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن سکر جو بنياد 21 ڊسمبر 1962ع تي رکيو ويو. ان وقت خيرپور ڊويزن جي ڪمشنر چوڌري نياز احمد طرفان هن اداري جو افتتاح ڪيو ويو. قيام جو بنيادي مقصد سنڌ جي مختلف علائقن لاءِ تربيت يافتہ استاد تيار ڪرڻ هو.

وقت سان گڏ هن اداري ۾ تدريسي پروگرام ۽ سھولتون وڌايون ويون، جنھن سبب هي ادارو سنڌ جي اهم استادن جي تربيتي ادارن مان هڪ بڻجي ويو آهي.

گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن سکر جو سامهون وارو ڏيک

تدريسي پروگرام

[سنواريو]

ڪاليج ۾ هن وقت هي اهم پروگرام هلن ٿا:

  • بي ايڊ آنرس (چار سالن جو پروگرام)
  • تدريسي عملي لاءِ عملي تربيت (Teaching Practice)
  • تعليمي تحقيق (Research Thesis)

پروگرام دوران شاگردن کي تدريسي طريقا، ڪلاس روم مينيجمينٽ، تعليمي نفسيات، ۽ نصاب جي منصوبابندي بابت تربيت ڏني ويندي آهي. آخري سال ۾ شاگردن لاءِ تحقيقاتي ٿيسز ڪرڻ لازمي هوندي آهي.

سھولتون

[سنواريو]

ڪاليج ۾ شاگردن جي سکيا ۽ تربيت لاءِ مختلف سھولتون موجود آهن، جن ۾ شامل آهن:

  • لائبريري
  • ڪمپيوٽر ليب
  • سائنس ليبارٽري
  • ريسورس سينٽر
  • آڊيٽوريم هال
  • اسپورٽس هال
  • شاگردن لاءِ هاسٽل (في الحال بند)

شاگرد

[سنواريو]

ڪاليج ۾ هر سال لڳ ڀڳ 250 شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا۔ شاگردن کي نظرياتي تعليم سان گڏ عملي تربيت لاءِ مختلف اسڪولن ۾ ٽيچنگ پريڪٽس پڻ ڪرائي ويندي آهي۔

انتظاميہ

[سنواريو]

ڪاليج جو موجوده پرنسپال پروفيسر عطاءُ الله سميجو آهي، جيڪو اداري جي تعليمي ۽ انتظامي معاملن جي نگراني ڪري ٿو.

پڻ ڏسو

[سنواريو]

ٻاھريان ڳنڍڻا

[سنواريو]