مواد ڏانھن هلو

گوجال وادي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گوجال
Gojal
گوجال اورونو (ڪرغز)
بتورا گليشيئر، قطبي علائقن جي علاوه، ڊگهي گليشيئرن مان هڪ، گوجال ۾ آهي.
گوجالGojal is located in Gilgit Baltistan
گوجالGojal
گوجال
Gojal
گوجالGojal is located in پاڪستان
گوجالGojal
گوجال
Gojal
نالو
Kyrgyz: گۉجال ۅرۅنۇ
گوجال وادي
جاگرافي
پاڪستان پاڪستان
رياست/صوبوگلگت-بلتستان گلگت بلتستان
ضلعوھنزه
متناسق36°23′N 74°52′E / 36.39°N 74.87°E / 36.39; 74.87

گوجال وادي (انگريزي:Gojal؛ واخي: وادی گوجال، ڪرغز: گۉجال ۅرۅنۇ)، جنهن کي "اپر هنزا" به سڏيو ويندو آهي، اتر پاڪستان جي صوبي گلگت بلتستان ۾ واقع آهي. هن جون سرحدون، خنجراب لڪ وٽ چين ۽ چاپرسان وادي ۾ افغانستان سان لڳن ٿيون. سال 2019ع ۾، گوجال وادي هنزا ضلعي اندر ٻيو ڪاراچوڪر سب ڊويزن بڻجي ويو. هي جاگرافيائي لحاظ کان گلگت بلتستان جو سڀ کان وڏو سب ڊويزن آهي.

گوجال يا اپر هنزا ڪيترن ئي وڏين ۽ ننڍين وادين تي مشتمل آهي، جن جون سرحدون ڏکڻ ۾ وچ هنزا، اتر۔اوڀر ۾ چين ۽ اتر اولهه ۾ افغانستان سان ملن ٿيون. عين آباد اپر هنزا جي گوجال وادي جو پهريون ڳوٺ آهي. شمشال، مسگار ۽ چاپرسان جي وادين کان سواءِ گوجال، جا سڀ ڳوٺ قراقرم هاءِ وي (KKH) کان ڏسي سگهجن ٿا، جيڪا گوجال پار ڪري، خنجراب لڪ وٽان چين ۾ داخل ٿئي ٿي. گوجال علائقي ۾ 20,000 اسماعيلي باشندا رهڻ ٿا.[1] [2] [3] [4]

حوالا

[سنواريو]
  1. "National Geographic: Remote Gojal in N. Pakistan Where 20,000 Ismailis Live is Nothing Like You'd Expect". 2016-10-25.
  2. Abdullah Jan, Abdullah Jan (2008). Tarikh Dawat-i-Ismailia Shumali Elaqa Jat (first ڇاپو). Islamabad: Minrowa.
  3. Zafar Iqbal, Zafar Iqbal (2017). Diverse and Adventurous History of Hunza (first ڇاپو). Gilgit: North Books.
  4. Qudratullah Beg (1980). Ehdi-Atiq-Hunza (First ڇاپو). Baltit Hunza: H. Shafiqur Rehman.