عيسا نگري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عيسا نگري
سنڌ جي جي يونين ڪاميٽي
يو سي 20 عيسا نگري
عيسا نگري is located in سنڌ
عيسا نگري
عيسا نگري
عيسا نگري is located in Pakistan
عيسا نگري
عيسا نگري
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°53′N 67°03′E / 24.883°N 67.050°E / 24.883; 67.050مڪانيت: 24°53′N 67°03′E / 24.883°N 67.050°E / 24.883; 67.050
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي اوڀر ضلعو
تعلقو گلشن اقبال سب ڊويزن

يو سي 20 عيسا نگري:(انگريزي: UC 20 Esa Nagri) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ڪراچي ڊويزن جي ضلعي ڪراچي اوڀر جي گلشن اقبال سب ڊويزن جي ھڪ يونين ڪاميٽي جو نالو آهي. ھن يو سي جي حد اتر اولھ واري پاسي ھڪ ڪلوميٽر تائين لياري ايڪسپريس وي سان لڳي ٿي، ڏکڻ اولھ پاسي تقريبن 700 ميٽر غوثيه روڊ سان ملي ٿي جنھن جي ٻئي پاسي کان پي آء بي ڪالوني ک جي حد آھي. ڏکڻ اوڀر کان ھڪ ڪلوميٽر يونيورسٽي روڊ سان حد مليس ٿي.اتر اوڀر پاسي ھڪ ڪلوميٽر ھن يو سي جو دنگ سر شاھ محمد سليمان روڊ سان مليس ٿو. ڏکڻ واري ڪنڊ تي يونيورسٽي روڊ تي حسن اسڪوائر واقع آهي. ھن پاڙي م اڪثر غريب آبادي رھي ٿي . علائقي م شھري منصوبه بندي جو فقدان ھجڻ ڪري گھٽيون ۽ روڊ بي ترتيب آھن. تعليم ۽ صحت جون سهولتون نامناسب آھن پر راندين لاء ھتي ڪافي ميدان آھن . ھن يو سي جي حدن ۾ ھڪ وڏو قبرستان پڻ واقع آھي. ھن ڪالوني جو نالو حضرت عيسي عليه السلام جي نالي سان منصوب آھي. چيو وڃي ٿو تہ 1962 ۾ پنجاب مان عيسائي خاندان ھتي روزگار جي لاءِ لڏي آيا ھئا ۽ ان عيسائي آبادي جي ڪري اھو نالو ان تي پئجي ويو. ھتان جي پاڙن م منو ڳوٺ ۽ بلوچ پاڙو شامل آهن.ھن يو سي ۾ سنڌي ۽ بلوچ اڪثريت ۾ آھن ان کان سواءِ پنجابي پٺاڻ ۽ اردو ڳالهائيندڙ ماڻھو پڻ رھندڙ آھن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي م چيئرمين جي سيٽ تي بلوچ خان گبول چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي انور سلطان چونڊجي آيا. ٻنھي جو تعل پاڪستان پيپلز پارٽي سان آھي[1]

حوالا[سنواريو]