مواد ڏانھن هلو

گراس روٽس (ميگزين)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گراس روٽس (انگريزي: Grossroots) ھڪ ميگزين جو نالو آھي، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پاڪستان اسٽڊي سينٽر پاران ڇاپيو ويندو آھي.

تاريخ

[سنواريو]

پاڪستان ۽ ان جي صوبن جي تاريخ، ساهت توڙي ڪلچر بابت تحقيق ۽ مطالعي کي فروغ ڏيڻ لاءِ، قومي اسيمبليءَ پاران پاس ڪيل ايڪٽ موجب، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پاڪستان اسٽڊي سينٽر سال 1976ع ۾ قائم ڪيو ويو. سينٽر جي پهرئين ڊئريڪٽر حميده کهڙي جي ايڊيٽريءَ ۾ سال 1977ع ۾ هڪ تحقيقي ميگزين ”گراس روٽس“ جي نالي سان جاري ڪيو ويو.

بنيادي طور هي ميگزين ڇهه ماهي آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. تبصرا: غلام محمد لاکو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو