گاٿا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گاٿا (انگريزي: Gatha)، سنسڪرت جو لفظ آهي، جنهن معني آيت يا ڪلام آهي، اهڙو ڪلام جيڪو ويدن جو حصو نه هجي پر پراڪرت يا هندوستاني مذهبي شاعري يا ڪلام هجي.[1] هي لفظ اصل ۾ سنسڪرت / پراڪرت جي لفظ گائي مان ورتل آهي، جنهن جي معني ڳالهائڻ يا ڳائڻ آهي.[2]

گاٿا عام طرح سان ٻڌ مذهب جو ڀڄن، جيڪو چئن کان ستن لفظ تي مبني هوندو آهي. سنڌيءَ ۾ اُن جو متبادل لفظ ڳاهه آهي، جيڪا هڪ آڳاٽي صنف آهي.[3]..

حوالا[سنواريو]

  1. ستيج مکرجي (1998), هندوستاني ادبي لغت حيدرآباد: اورينٽ لانگمين ISBN 81-250-1453-5 صفحو 110
  2. امريش دتا (1988) هندوستان ادب جو انسائيڪلوپيڊيا جلد 2 چنائي: ساهتيا اڪيڊمي ISBN 81-260-1194-7 p. 1373
  3. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي