مواد ڏانھن هلو

گارگونزولا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گارگونزولا
Gorgonzola
گارگونزولا ناشپتي سان گڏ
اصل ملڪاٽلي
خطو، شھرگارگونزولا شھر، ميلان
کير جو ذريعوڳئون
ڪاڙھيل کيرھا
ترڪيبنرم ۽ خستو
چرٻي وارا جزا25-35%
خاصيحتن جي عمر3–4 مھينا
تصديق نامواٽلي: 1955 کان
يورپي يونين: PDO from 1996[1]
Commons page Related media on Wikimedia Commons


گارگونزولا(انگريزي: Gorgonzola) /ˌɡɔrɡənˈzlə/ اٽليءَ جو ڳئون جي ملائي يا ٿري واري کير مان ٺھندڙ نيري رنگ جو پنير آھي جيڪو مکڻ وانگر يا سخت، خستو ۽ نيري رنگ واري پاسي کان کائڻ سان نمڪين ھوندو آھي. گارگونزولا صدين کان اٽلي جي ميلان ڀرسان واقع گارگونزولا شھر ۾ ٺھندو رھيو آھي [2]

پيداوار

[سنواريو]

اڄڪلهه اھو اٽلي جي اتر وارن شھرن پيڊمونٽ(انگريزي: Piedmont)۽ لومبارڊي(انگريزي: Lombardy) ۾ ڪثرت سان پيدا ڪيو ويندو آهي. ان ۾ نج ڳئون جو کير استعمال ٿيندو آهي جنھن ۾ خمير جو اسٽارٽر (پينسيليم گلاڪم(انگريزي: Penicillium glaucum) ۽ پينسيليم روڪفورٽي(انگريزي: Penicillium roqueforti)) ملائي گھٽ گرمي ۾ رکيو ويندو آهي ۽ ان مان ڌونري وارو پاڻي ڌار ڪيو ويندو آهي.

گارگونزولا ء صوفن وارو پيزا

ٺاھڻ واري مرحلي ۾ ڌاتو جون راڊون ان ۾ بار بار وڌيون وينديون آهن تہ جيئن ان ۾ سوراخ ٿين ۽ اندر ھوا جي گذر لاءِ نليون ٺھن. گارگونزولا ٽن کان چئن مھينن تائين پنھنجون خاصيتون برقرار رکي سگھندو آھي

حوالا

[سنواريو]
  1. "Gorgonzola". Archived from the original on 2004-11-15. Retrieved 2013-03-01. Invalid language code.
  2. Helm-Ropelato, Rebecca (2 February 2005). "The birthplace of Gorgonzola. Maybe" via Christian Science Monitor.