مواد ڏانھن هلو

گارگونزولا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گارگونزولا
Gorgonzola

گارگونزولا ناشپتي سان گڏ
اصل ملڪ اٽلي
خطو، شھر گارگونزولا شھر، ميلان
کير جو ذريعو ڳئون
ڪاڙھيل کير ھا
ترڪيب نرم ۽ خستو
چرٻي وارا جزا 25-35%
خاصيحتن جي عمر 3–4 مھينا
تصديق نامو اٽلي: 1955 کان
يورپي يونين: PDO from 1996[1]
Commons page Related media on Wikimedia Commons


گارگونزولا(انگريزي: Gorgonzola) /ˌɡɔrɡənˈzlə/ اٽليءَ جو ڳئون جي ملائي يا ٿري واري کير مان ٺھندڙ نيري رنگ جو پنير آھي جيڪو مکڻ وانگر يا سخت، خستو ۽ نيري رنگ واري پاسي کان کائڻ سان نمڪين ھوندو آھي. گارگونزولا صدين کان اٽلي جي ميلان ڀرسان واقع گارگونزولا شھر ۾ ٺھندو رھيو آھي [2]

پيداوار

[سنواريو]

اڄڪلهه اھو اٽلي جي اتر وارن شھرن پيڊمونٽ(انگريزي: Piedmont)۽ لومبارڊي(انگريزي: Lombardy) ۾ ڪثرت سان پيدا ڪيو ويندو آهي. ان ۾ نج ڳئون جو کير استعمال ٿيندو آهي جنھن ۾ خمير جو اسٽارٽر (پينسيليم گلاڪم(انگريزي: Penicillium glaucum) ۽ پينسيليم روڪفورٽي(انگريزي: Penicillium roqueforti)) ملائي گھٽ گرمي ۾ رکيو ويندو آهي ۽ ان مان ڌونري وارو پاڻي ڌار ڪيو ويندو آهي.

گارگونزولا ء صوفن وارو پيزا

ٺاھڻ واري مرحلي ۾ ڌاتو جون راڊون ان ۾ بار بار وڌيون وينديون آهن تہ جيئن ان ۾ سوراخ ٿين ۽ اندر ھوا جي گذر لاءِ نليون ٺھن. گارگونزولا ٽن کان چئن مھينن تائين پنھنجون خاصيتون برقرار رکي سگھندو آھي

حوالا

[سنواريو]
  1. "Gorgonzola". وقت 2004-11-15 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2013-03-01.  Invalid language code.
  2. Helm-Ropelato, Rebecca. "The birthplace of Gorgonzola. Maybe.".