ڪڪڙ (شھر)
ڏيک
| ڪڪڙ | |
|---|---|
| متناسقات: 26°58′N 67°41′E / 26.967°N 67.683°E | |
| ملڪ | پاڪستان |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | دادو ضلعو |
| تعلقو | ڪي اين شاھ تعلقو |
ڪڪڙ: (انگريزي: Kakar ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي دادو جي تعلقي خيرپور ناٿن شاھ جو ھڪ ننڍو شھر ۽ يونين ڪاؤنسل جيڪو انڊس هاءِ وي تي ڪي اين شاھ ۽ دادو جي وچ تي واقع آھي. ھتان مشهور تفريح گاھ گورک هل اسٽيشن ڏانھن رستو پڻ نڪري ٿو. برٽش انڊيا جي شروعاتي دؤر ۾ ڪڪڙ تعلقو ھيو بعد م خيرپور ناٿن شاھ کي تعلقي جي حيثيت ڏئي ڪڪڙ کي ان ۾ شامل ڪيو ويو. ھتي ھڪ پوليس پوسٽ ھوندي ھئي جنھن کي ٿاڻي جو درجو ڏنو ويو.