ڪي ڪي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪرشڻ ڪمار ڪُنٿ(23 آگسٽ 1968ع-31 مئي 2022ع) ڪيڪي طور ڄاتو ويندڙ ھڪ ڀارتي پليبيڪ ڳائڻو هيو، جنهن جا هندي، تامل، تيليگو، ملايلم، ڪَناڙي، مَراٺي، بنگالي، آسامي ۽ گجراتي ٻولين ۾ ٻول رڪارڊ ٿيل آھن. ڪيڪي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات اشتهارن ۾ جنگلس(جَھنِڪارُون) ڳائڻ سان ڪئي. جڏهن ته فلمن ۾ ڳائڻ جي ابتدا اي آر رحمان جي ميوزڪ ڊائريڪشن ھيٺ ٺھندڙ فلم سان ڪيائين. 1999 ۾ ھن پنهنجو پهريون البم”پل“ رليز ڪيو جنهن جا ٻول”پل“ ۽ ”يارو“ گهڻا ٻڌا ويا جي اسڪول تقريبن ۾ گنگنايا ويندا آھن. سندس مشھور ٻولن ۾ تڙپ تڙپ ڪي (هم دل دي چڪي صنم(1999)، تامل ٻول” اپاڙي پوڙو“، ڊولا ري ڊولا ديوداس فلم(2002)، ڪيا مجهي پيار هي فلم وه لمحي(2006)، زندگي دو پل ڪي, آنکون مين تيري فلم اوم شانتي اوم(2007)، خدا جاني فلم بچنا اي حسينون(2008) پيا آئي نا عاشقي ٽُو(2013)، مت آزما مرڊر ٿري(2013)، انڊيا والي هيپي نيو ايئر (2014)، تو جو ملا بجرنگي ڀائي جان(2015)، دل عبادت ڪر رها هي، هان تو هي، زرا سي دل مين دي جگا، آواراپن بنجاراپن، تو هي ميري شب هي، بيتي لمحي، لبون ڪو لبون سي فلم ڀول ڀليان، ديوانا ڪر رها هي، هان تو هي ۽ ٻيا ڪيترائي گيت شامل آھن. انڊين موسيقيءَ ۾ ڪنٽريبيوشن عيوض ھن ڇھ فلم فيئر ايوارڊ ۽ هڪ سائوٿ فلم فيئر ايوارڊ ماڻيو. ڪيڪي وٽ اهو فن هيو جو هو ڪنهن به گيت کي پنھنجي هڪ خاص انداز مطابق ڳائيندو هيو. موسيقيءَ ۾ سندس ڪو خاص جينر(Genre) نه هيو هو پاپ، راڪ، ڪلاسڪ ۽ پليبيڪ ڳائڻو هيو. 31 مئي 2022ع تي ڪلڪتي جي گروداس ڪاليج فيسٽول نازرُول منچ تي پرفارمنگ دوران هن دل جي سور جي دانهن ڪئي، جنهن دوران کيس ترت اسپتال نيو ويو پر کيس اسپتال پهچائڻ جا جتن اجايا ثابت ٿيا ۽ ڊاڪٽرن پاران کيس مئل ٻڌايو ويو. مرڻ مهل سندس عمر 53 سال هئي.