ڪوسٽا ريڪا
جمهوريه ڪوسٽا ريڪا ڪوسٽا ريڪا | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| |||||
ترانو: "پروقار وطن، تنھنجو خوبصورت پرچم" | |||||
| گادي جو هنڌ | سان جوزا 9°56′N 84°5′W / 9.933°N 84.083°W | ||||
| دفتري ٻوليون | اسپيني | ||||
| تسلیم ٿيل مقامي ٻوليون | |||||
| نسلي گروھ (2011[1]) |
| ||||
| مذهب (2017) | 52% ڪيٿولڪ (سرڪاري عيسائي مذھب ) 22% پروٽيسٽنٽ 17% لامذھب 3% ٻڌازم ۽ ٻيا 3% اڻڄاتل | ||||
| مقامي آبادي | ڪوسٽاريڪي يا ڪوسٽاريڪيئن | ||||
| حڪومت | وحداني صدارتي آئيني ريپبلڪ | ||||
• صدر |
ڪارلوس الواراڊو ڪئساڊا | ||||
• نائب صدر |
اپسي ڪيمپبيل بار | ||||
| مارون ريگئيز ڪورڊيرو | |||||
| مقننه | قانونساز اسيمبلي | ||||
| آزادي جو اعلان | |||||
• اسپين کان |
15 سيپٽمبر 1821 | ||||
• پھرين ميڪسيڪن ايمپائر کان |
1 جولاءِ 1823 | ||||
| 1838 | |||||
• اسپين کيس تسليم ڪيو |
10 مئي 1850 | ||||
• موجوده آئين |
7 نومبر 1949[1] | ||||
| پکيڙ | |||||
• جملي |
51٬100 km2 (19٬700 sq mi) (126th) | ||||
• پاڻي (%) |
0.7 | ||||
| آبادي | |||||
• 2016 اندازو |
4,857,274[2] (123rd) | ||||
• گھاٽائي |
220 /sq mi (84.9 /km2) (107th) | ||||
| جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2020 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$95.791 ارب ڊالر[3] | ||||
• في سيڪڙو |
$18,651[3] | ||||
| جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2020 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$65.179 billion[3] | ||||
ڪوسٽا ريڪا (انگريزي: Costa Rica ) جي لفظي معني امير ساحل آهي. ان جو سرڪاري نالو جمهوريه ڪوسٽا ريڪا آهي. وچ آمريڪا ۾ واقع ھن ملڪ جون سرحدون اتر ۾ نڪاراگوا سان، اتر-اوڀر ۾ ڪيريبين سمنڊ سان، ڏکڻ-اوڀر ۾ پاناما سان، ڏکڻ-اولھ ۾ پيسيفڪ سمنڊ سان ۽ ان جي ڪوڪوس ٻيٽ جي ڏکڻ ۾ ايڪويڊور سان ملن ٿيون. ھن ملڪ جي آبادي پنجاھ لکن کان مٿي آھي ۽ پکيڙ 51,060 چورس ڪلوميٽر آهي. ھن ملڪ جي گادي جو هنڌ سان جوز آھي جيڪو ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر آهي جنھن جي آبادي 333980 آھي[4].
ھي ھڪ خودمختيار ۽ وحداني رياست آھي جنھن ۾ صدارتي نظام لاڳو آھي، ۽ ملڪ آئيني ريپبلڪ آھي جنھن م پراڻي دور کان جمھوريت قائم آهي. ملڪ جي ٻولي اسپيني آهي ۽ ھتان جو مزدور طبقو تعليم يافتہ آهي[5]. ملڪ جي بجيٽ جو 2016 جي ڊيٽا مطابق 6.9 سيڪڙو تعليم تي خرچ ٿيندو آهي. ملڪ جي معيشت زرعي آھي. ھتي ٽيڪس کان مستثنیٰ صنعتي زون پڻ آهن[6]. انساني ترقي جي اشاريي مطابق ھن ملڪ جو دنيا جي ملڪن ۾ درجو 68 نمبر وارو آھي ۽ لاطيني آمريڪا ۾ ان جو پنجون نمبر آهي[7].
تاريخ
[سنواريو]ھن ملڪ کي امريڪي انڊين ماڻھن وسايو جنھن بعد سورھين صدي عيسويءَ ۾ اسپيني اتي ايا ۽ ملڪ تي قبضو ڪيو. اسپين کان آزادي وقت ھي ملڪ پھرين ميڪسيڪن ايمپائر جو حصو ھيو. جنھن بعد ھي ملڪ وچ آمريڪا جي گڏيل صوبن جو ميمبر ٿيو ۽ 1847ع ۾ ان کان آزادي جو اعلان ڪري ڌار ٿيو. 1948 ۾ گھرو ويڙھ شروع ٿي جنهن بعد 1949 م ھن ملڪ مستقبل بنياد تي فوج جي خاتمي جو اعلان ڪيو ۽ دنيا جي انھن ڪجهه ملڪن ۾ شامل ٿي ويو جن ۾ فوج ناھي[8][9][10].
حوالا
[سنواريو]- 1 2 Central Intelligence Agency (2011), "Costa Rica", The World Factbook, Langley, Virginia: Central Intelligence Agency, حاصل ڪيل 4 October 2011۔
- ↑ "World Population Prospects: The 2017 Revision", ESA.UN.org (custom data acquired via website), United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division, حاصل ڪيل 10 September 2017۔
- 1 2 3 "Costa Rica", International Monetary Fund, October 2019, حاصل ڪيل 15 October 2019۔
- ↑ "Capital Facts for San José, Costa Rica", 18 October 2017۔سانچو:Full citation needed
- ↑ "Amazon invests in Costa Rica as tiny nation carves out profitable niche in world economy", 11 March 2017۔
- ↑ "The Investment Promotion Agency of Costa Rica", www.cinde.org۔
- ↑ {{http://hdr.undp.org/en/content/2019-human-development-index-ranking}}
- ↑ El Espíritu del 48, "Abolición del Ejército" (ٻولي ۾ Spanish), حاصل ڪيل 9 March 2008۔
- ↑ "Costa Rica", World Desk Reference, اصل کان 11 February 2008 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 9 June 2009۔
- ↑ "Costa Rica", Uppsala University, حاصل ڪيل 9 June 2009۔