ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي

| فائل:King Edward Medical University.png | |
| چونڊيل چوڻي | Altapete |
|---|---|
انگريزي ۾ چونڊيل چوڻي |
Aim high |
| قسم | Public |
| سرگرم | 1860 |
| وائيس چانسلر | Mahmood Ayaz |
| پتو | Lahore، Punjab، Pakistan |
| ويب سائيٽ | https://kemu.edu.pk |
ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي (اردو: کنگ ایڈورڈ میڈیکل یونیورسٹی) مختصر طور تي KEMU هڪ عوامي ميڊيڪل يونيورسٽي آهي جيڪا پاڪستان جی صوبی پنجاب جی شھر لاهور ۾ واقع آهي. اهو سال 1860ع ۾ برطانوي راڄ دوران لاهور ميڊيڪل اسڪول طور قائم ڪيو ويو ۽ بادشاهه ايڊورڊ ھفتم جی نالي پٺيان رکيو ويو.[1]
سال 1868ع ۾ ٽرينيٽي ڪاليج ڊبلن لاهور ميڊيڪل اسڪول جي شاگردن کي انگريزي اسڪولن جي شاگردن جي برابر امتياز عطا ڪيو. سال 1871ع ۾، يونيورسٽي موجوده انارڪلي ڊسپينسري کي بدلائي، ميو اسپتال کي الحاق واري اسپتال طور شامل ڪيو. ساڳئي سال ڪاليج جو پنجاب يونيورسٽي سان الحاق ٿيو، جڏهن ته 1887ع ۾ يونيورسٽي ليڊي ايچيسن اسپتال کي ٻي تدريسي اسپتال طور شامل ڪيو.[2]
پاڪستان جي آزاديءَ کان پوءِ، يونيورسٽي صوبي ۾ واحد ميڊيڪل ڪاليج بڻجي وئي ۽ سال 2005ع ۾ پنهنجي ڊگريون ڏيڻ جو چارٽر بڻجي ويو. اهو تڏهن کان وڌي چڪو آهي، ۽ ليڊي ولنگڊن اسپتال سميت ستن ٽرشئيري ريفرل اسپتالن جي نگراني ڪري ٿو.[3]
يونيورسٽي جي شاندار تاريخ آهي ته عظيم ڊاڪٽر پيدا ڪيا جن نه رڳو پاڪستان پر آمريڪا، برطانيه ۽ دنيا جي ٻين ڪيترن ئي حصن ۾ پڻ خدمتون سر انجام ڏنيون آهن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "King Edward Medical University: Ex-principals, alumni push CM to restore college - The Express Tribune" (ٻولي ۾ en-US), 11 نومبر 2011, حاصل ڪيل 11 سيپٽمبر 2016۔
- ↑ University, King Edward Medical, "History | King Edward Medical University", kemu.edu.pk, اصل کان 19 سيپٽمبر 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 11 سيپٽمبر 2016۔
- ↑ University, King Edward Medical, "ABOUT kemunew | King Edward Medical University", kemu.edu.pk, اصل کان 19 سيپٽمبر 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 11 سيپٽمبر 2016۔