چارٽر
ڏيک
![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/e/ee/Magna_Carta_%28British_Library_Cotton_MS_Augustus_II.106%29.jpg/300px-Magna_Carta_%28British_Library_Cotton_MS_Augustus_II.106%29.jpg)
چارٽر(انگريزي: Charter), (فارسي: منشور) ڪنھن اختيار يا حق جي منظوري جو نالو آهي جنھن ۾ ڪنھڻ کي باقاعده ان مخصوص اختيار يا مخصوص حق استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي. ان ۾ منظوري ڏيندڙ جو حيثيت وڏي واري ھوندي آھي ۽ منظوري حاصل ڪندڙ پاڻ ھڪ ماتحت طور پنھنجي محدود حيثيت کي تسليم ڪندڙ ھوندو آھي. لفظ چارٽر انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي. اصل ۾ يوناني ٻوليءَ جو لفظ کارٽيس (khartes) جنھن جي معني پپائرس جو ڇوڏو ھئي، لاطيني ٻولي ۾ شامل ٿي بگڙي چارٽا (charta) سڏجڻ لڳو جيڪو پراڻي فرينچ ۾ شامل ٿي بگڙي چارٽي (charte) ٿي ويو جتان پوء انگريزي م شامل ٿي چارٽر ٿي ويو. چارٽر ھڪ قسم جو دستاويز آهي جنھن ۾ حاڪم يا ڪو بااختيار قانونساز ادارو ڪنھن کي ڪو حق يا اختيار لکي ڏيندو آهي.