مواد ڏانھن هلو

ڪنگڊم (حياتيات)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
حياتيدائروورهاستبڻياددرجوترتيبخانداننسلجنس
طبقاتي نظام حياتياتي درجابندي جا اٺ وڏا ٽئڪسانامي وارا درجاسانچو:بائيولاجيڪل جنسوار ورڇ\مرڪزي وچ وارا ننڍا درجا ناھن ڏيکاريل

ڪنگڊم يا حياتياتي تقسيم (انگريزي: kingdom) جنھن کي لاطيني ٻوليءَ ۾ ريگنم (Regnum، جمع: Regna) دائري کان پوء حياتياتي درجہ بندي جو ٻيون سڀ کان وڏو درجو آھي. حياتياتي تقسيم جا درجا وري ننڍن ننڍن گروپن ۾ ورھايل آھن جنهن کي بڻياد يا فائلم (Phylum) سڏين ٿا. روايتن ڪجهه آمريڪي نصابي ڪتابن ۾ حياتياتي تقسيم جا ڇھ قسم ڄاڻايل آھن:

  1. اينيميليا
  2. پلانٽا
  3. فنگس
  4. پروٽسٽا
  5. آرڪائييا يا آرڪائي بيڪٽريا
  6. بيڪٽريا يا ايوبيڪٽيريا

انڊيا، برطانيا، يونان، آسٽريليا، لاطيني آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي نصابي ڪتابن ۾ حياتياتي تقسيم جا پنج قسم ڏيکاريل آھن:

  1. اينيميليا
  2. پلانٽا
  3. فنگس
  4. پروٽسٽا
  5. مونيرا

مورثي خاصيتن جي بنياد تي جديد گروھ بندي ڪندڙ ڪجهه تازين درجہ بندين ۾ حياتياتي تقسيم يا ڪنگڊم واري ھن درجي کي ختم ڪيو ويو آهي. ان جو سبب اھو آھي تہ حياتياتي تقسيم جا مٿي ڄاڻايل درجن ۾ سڀ قطعي طور تي ساڳي بڻ بڻياد وارا جانور ناھن جيڪي ساڳين آب ڏاڏن جي اولاد ھجن.

رابرٽ ايڇ. وٽيڪر جون 1969ع ۾ تجويز ڪيل زندہ جاندارن جي درجہ بندي لاء نئون سرشتو جنھن ۾ پنج ڪنگڊمن جا نالا آهن:

1. ڪنگڊم مونيرا ( Kingdom Monera): پروڪيريوٽس جيڪي مختلف طريقن سان کاڌو حاصل ڪري سگھن ٿا.

2. ڪنگڊم پروٽسٽا (Kingdom Protista): ھڪ گھرڙيائي يوڪيريئوٽس جيڪي مختلف طريقن سان کاڌو حاصل ڪري سگھن ٿا.

3. ڪنگڊم فنگس ( Kingdom Fungi): گھڻ گھرڙيائي يوڪيريئوٽس جيڪي گھڻ غذائي طريقي سان کاڌو حاصل ڪري سگھن ٿا.
4. ڪنگڊم پلانٽي (Kingdom Plantee): گھڻ گھرڙيائي يوڪيريئوٽس جيڪي فوٽو سنٿيسس (photosynthesis) جي ڪري کاڌو حاصل ڪري سگھن ٿا.

5. ڪنگڊم اينيميليا (Kingdom Animalia): گھڻ گھرڙيائي يوڪيريئوٽس جيڪي ھاضمي سان گھڻ غذائي طريقي تي پلجن ٿا.

ان تجويز ۾ ھڪ خاص خامي رھجي وئي.اھا ھيء ھئي ته سڀني ھڪ گھرڙيائي جاندارن کي ڪنگڊم پروٽسٽا ۾ رکيو ويو ھو ۽ ٻي خامي ھئي تہ الجيء ٻن ڪنگڊمن يعني پروٽسٽا ۽ پلانٽ ۾ رکڻو پيو. ھن مسئلي کي سال 1989ع ۾ ٻن آمريڪي حياتياتي ماهرن مارگلس (Margulis) ۽ شوارٽز (Schwartz) کي اھو موقعو فراهم ڪيو تہ وٽيڪر جي تجويز ۾ ردوبدل ڪن. ھنن جاندارن کي ھيٺين پنجن ڪنگڊمز ۾ ورهايو.

  1. ڪنگڊم پروڪيريوٽا (Prokaryotae): ھن ۾ سڀ پروڪيريوٽس اچي وڃن ٿا مثلاً بيڪٽيريا ۽ سائنٽ بيڪٽيريا وغيره.
    2. ڪنگڊم پروٽاڪٽسٽا (Protactista): ھن ۾ سڀئي يوڪيريئوٽڪ جاندار اچي وڃن ٿا جن جي جي گروھه بندي نه جانورن ۾ نہ وري ٻوٽن يا فنگا ۾ ڪري سگھجي ٿي، مثلا يوگلينا، پئراميشيم، ڪليموڊوموناس ۽ خمير وغيره.
    3. ڪنگڊم فنگا (Fungae): ھي بغير ڪلوروفل وارن گھڻ گھرڙيائي جاندارن تي مشتمل آهن جن ۾ سينو سائٽڪ مادو، جنھن کي مائسيليم چئجي ٿو.
    4. ڪنگڊم پلانٽاي (Plantae): ھن ۾ ڪلوروفل وارا گھڻ گھرڙيائي يوڪيريئوٽڪ زندہ جاندار شامل آهن. جن ۾ جيو گھرڙي جي ٻاهران سيليولوز جي ڀت ۽ ڳڀيل`آنو (Zygote) ٿئي ٿو جن مان ايمبريو (سلو) نڪري ٿو. مثلاً صوف، سورج مکي وغيره.
    5. ڪنگڊم اينيميليا: ھن ۾ بغير ڪلوروفل وارا سڀئي گھڻ گھرڙيائي يوڪيريئوٽڪ جاندار اچي وڃن ٿا جن ۾ جيو گھرڙي جي ڀت ڪونہ ٿئي. مثلاً، ھائيڊرا، سانپو، ماڻھو وغيره.

ان کان اڳ ۾ زندہ جاندارن جي درجہ بندي ٻن ڪنگڊمن يعني پلانٽ ۽ اينيمل ۾ ڪئي ويندي هئي. انھن جي درجہ بندي جو بنياد جيو گھرڙي جي ڀت ۾ ڪلوروفل جي موجودگيءَ ۽ عدم موجودگي تي رکيو ويو ھو.

حوالا

[سنواريو]