سورج مکي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سورج مکي
ھيليئينٿس اينس (عام سورج مکي)

Common sunflower

سائنسي درجا بندي e fossil_range: If the specified fossil range is a period supported -- by templates {period_start} and {next_period}, then it incorporates -- the specified range into template {Fossil range}, but checking to -- display properly. Otherwise, just passes parameter. --></noinclude>
Unrecognized taxon (fix): Heliantheae
Genus: Helianthus
L.[1]
هم معنيٰ[1]

Harpalium (Cass.) Cass.


سورج مکي هڪ گل جو نالو آهي هي گل هڪ ٻوٽي تي ڦٽندو آهي ۽ ڦڪي رنگ جو هوندو آهي هن جون ڪيتريون ئي پتڙيون هونديون آهن ۽ وچ ۾ سورج مکي ٻج هوندا آهن هن گل کي سورج مکي اِن ڪري چيو ويندو آهي ڇو تہ هي گل سج جي رخ ۾  رهندو آهي يعني صبح جو هن گل جو رُخ اوڀر جي طرف هوندو آهي ۽ شام جو هن جو رُخ اولھ جي طرف هوندو آهي. هن گل جي ٻجن کي ڪوڪنگ آئل ٺاهڻ لاء استعمال ڪيو ويندو آهي.

Helianthus whorl

هي گل هندستان ۾ مشهور آهي. هن جا ڪيترا ئي قسم آهن. ڏيهي خواه ولايتي. حقيقت ڪري هيءَ گلن جي هڪڙيءَ سڄي ذات يا جماعت جو نالو آهي، جنهن هيٺ ڪيترا ٻين نالن وارا گل اچي وڃن ٿا. انهن مان ڪي مکيہ اسين هيٺ هن فصل جي پڇاڙيءَ تائين ڏينداسين. انهيءَ ذات جو نالو انگريزيءَ ۾ اسٽار (يعني ستارو يا تارو) آهي. ڪي دهليا بہ سڏيندا اٿس.[2] خاص سورج يا سورج مکي گل، جنهن کي انگريزيءَ ۾ سن فلائوئر چون ٿا، سو سهڻو يڪ – سالو گل آهي، اهو قد ۾ تمام وڏو آهي. ڪي تہ ڳُورا ۽ ڀريل ٿيندا آهن، ڄڻ تہ گلن جي اندر گل ڳُتيل آهن. رنگ جا پيلا ٿين ٿا. ڪو قسم اڇن پنن وارو ٿيندو آهي. هي وڻ قد ۾ بہ وڏو ٿيندو آهي. سڀ کان وڏو ڏهن فوٽن تائين بہ لکيو اٿن. هن جو ٻج جولاءِ ۾ پوکڻ گهرجي. هي گهڻي ٻي پرداخت ڪا نہ گهرندا آهن. رڳو جيڪي ڊگها ٿيندا آهن، تن کي ڪنهن ڪاٺيءَ سان اٽڪائي ڇڏجي، نہ تہ هوا جي جهوٽي سان ڀڄي يا پاڙئون پٽجي نہ پون.[2]

طب[سنواريو]

ھن جو اثر گرم خشڪ آھي. گرم مزاجن ۽ ٻرهل لاءِ نقصانڪار آھي. ميل: شڪنجبين ۽ ماکي، عيوض: زعفران، وزن: ٽي ماسا.

هي وڻ قد ۾ پورو پنو ٿئي ٿو. هن جو گل هيڊي رنگ تي سج جي شڪل وانگر گول ٿيندو آهي. جگر، دماغ ۽ معدي جي طاقت لاءِ هن جو گل سڪائي ڪٽي، ماکيءَ ۾ گڏي کارائڻ گهرجي. ٻرهل ۽ جگر جي سدن کي تحليل ڪري ٿو. هن جي ٻج جو تيل سنڌن جي سور، عرق النسا تي مالش ڪرائڻ گهرجي. قوت باھ وڌائڻ ۽ آلت جي نبضن جي ڍرائيءَ ۽ طرفين جي لذت لاءِ بہ هن جي مالش مفيد آهي. هن جا پن بواسير، يرقان، قولنج، جلندر، مثاني جي پٿري، بلغمي اُلٽين کي فائدو ڪن ٿا، هن جي لپري سوڄ تي ٻڌبي تہ ان کي نرم ڪري ڦاڙيندي.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 سانچو:GRIN
  2. 2.0 2.1 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن: 1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو۔
  3. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.