ڪنري
ڏيک
ڪنري (Kunri) (ڪُنرِي، اردو: کنری) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي عمرڪوٽ ضلعي جو هڪ شهر آهي۔
ايشيا جي سڀ کان وڏي مرچ منڊي، جيڪا پاڪستان جي لڳ ڀڳ 85 سيڪڙو ڳاڙا مرچ پيدا ڪري ٿي، ۽ پاڪستان جي زراعت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.
ڪنري ۽ ڀرپاسي ۾ هزارين ايڪڙ زمين مرچن جي پوک لاءِ وقف ٿيل آهي، ان کي هڪ اهم زرعي مرڪز حيثيت حاصل آھي. هي شهر نه رڳو مقامي مارڪيٽن جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو، پر ايشيا ۽ عرب خطي جي مختلف ملڪن ڏانهن پڻ مرچ پڻ برآمد ڪري ٿو.
جيتوڻيڪ ڪُنري 2020ع تائين ايشيا جي سڀ کان وڏي مرچ مارڪيٽ جي طور تي مڃيو ويندو هو، پر هاڻي اهو ڀارت کان پوء ٻيو نمبر وڏو مِرچ مارڪيٽ هئڻ جو اعزاز رکي ٿو.