ڪلپنا پوٽواري
| ڪلپنا پوٽواري Kalpana Patowary | |
|---|---|
ڪلپنا پوٽواري Kalpana Patowary | |
| پس منظري معلومات | |
| پيدائش | 27 October 1978 سرڀوگ, آسام, هندستان |
| تعلق | آسام,انڊيا |
| صنف | قديم-صوتي لوڪ، پکڙاءُ اليڪٽرانڪ ۽ نئين دور جو جاز- فيوزن، اليڪٽرانڪ فيوزن، هندستاني / آسامي ڪلاسيڪل، جاز ۽ غزل |
| پيشا | ڳائڻي |
| سرگرم سال | 1993–کان هيئنر تائين |
ڪلپنا پوٽواري (انگريزي ٻولي: Kalpana Patowary) آسام کان هڪ هندستاني پلي بيڪ ڳائڻي ۽ لوڪ راڳي آهي. هيءَ 30 ٻولين ۾ گانا ڳائيندي آهي. اين ڊي ٽي وي اميجن تي ريئلٽي شو جونون - ڪچھ ڪر ديکي ڪا (2008) ۾ هن حصو ورتو هيو. جيتوڻيڪ هن وٽ انيڪ لوڪ ۽ مقبول گانا آهن، پر ڀوڄ پوري موسيقي سندس سڀ کان وڌيڪ سرشار آهي.[1]
شروعاتي زندگي ۽ پس منظر
[سنواريو]پٽواري 27 آڪٽوبر 1978 تي آسام جي بارپيٽا ضلعي ۾ جنم ورتو هيو.[2] سال 1996 ۾ ڪاٽن ڪاليج، آسام ۽ وشاراد کان هندستاني ڪلاسيڪل ميوزڪ، لکنئو کان انگريزي ادب ۾ گريجوئيٽ، پوٽواريءَ 4 سال جي ڄمار ۾ عوامي سطح تي پرفارم ڪرڻ شروع ڪيو. کيس ڪامروپيا ۽ گول پوريا آساميائي لوڪ راڳ جي تربيت پنهنجي پيءٌ سري بپن پوٽواري ڏني هُئي، جيڪو پاڻ هڪ لوڪ فنڪار (ڳائڻو) آهي، پٽووري کي ڀٽڪنڊي ميوزڪ انسٽي ٽيوٽ يونيورسٽي لکنئو کان هندستاني ڪلاسيڪي راڳ ۾ سنگيت وشاراد جي سِکيا پڻ ملي آهي.[3] هيءَ ڀوجپوري لوڪ ميوزڪ جي انيڪ طرزَ ڳائيندي آهي، جن ۾ پوروي، پاچرا، ڪجري، سوهر، وواهہ گيت، چيتا، ۽ نوٽنڪي شامل آهن.[4] ڀيکاري ٺاڪر جي ڪم تي پوٽواري گهڻو گهٽ ڪم ڪيو آهي ۽ ان جي زندگي ۽ ڪم جي ياد ڏيارڻ جي لاءِ هڪ البم جاري (رليز) ڪيو اٿائين.[5]
ڪيريئر
[سنواريو]پوٽواري پهرئين ڀوڄپوري ڳائڻي آهي جنهن کاڊي برها روايت جي آڳاٽي روايت کي بين الاقوامي پلٽيفارم تي پيش ڪيو آهي.[6] 2013 ۾، پوٽواري بامٻائي (هاڻي ممبئي يا بمبئي) ۾ هڪ دستاويزي فلم، بيديا ۾ اچي فن جو ڏيکاءٌ (مظاهرو) ڪيو. 8 ڊسمبر 2013 تي اها دستاويزي فلم ريليز ٿي هُئي، اها مهاجر ڪارڪن ۽ ان جي موسيقي جي عينڪ سان ممبئي تي نظر وڌي هئي. هندستاني يوم آمد جي موقعي تي وزارت ثقافتي معاملن طرفان پيش ڪيل چار لاطيني امريڪي ملڪن ۾ 15 ڏينهن جي دوري تي پرفارم ڪرڻ جي لاءِ کيس دعوت ملي هُئي. پوٽواري ڇپريا پوروي انداز ۾ ريڪارڊنگ ۽ گانا ڳائيندڙ پهرئين زائفان ڳائڻي آهي.[7] پنهنجي ڪم جي پيشڪش کان اڳ، پوروي هڪ مرد سانڍيل هئي.
سياسي ڪيريئر
[سنواريو]جولاءِ 2018 ۾ پوٽواري پٽنا ۾ پنهنجي صدر امت شاهہ ۽ بهار جي نائب وزير اعليٰ سشيل ڪمار مودي جي موجودگيءَ ۾ ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) ۾ شموليت اختيار ڪئي.[8]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Assamese singer Kalpana Patowary resurrects Bhojpuri Shakespeare". easternfare.in. Eastern Fare Music Foundation. 27 July 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Meet Kalpana Patowary, the Assamese 'Bhojpuri Melody Queen' from Guwahati!". دي نارٿ ايسٽ ٽوڊي. 2016-10-28. اصل نسخو مان 21 October 2016 تي محفوظ ڪيل. 30 June 2017 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: More than one of|accessdate=and|access-date=specified (مدد); More than one of|archivedate=and|archive-date=specified (مدد); More than one of|archiveurl=and|archive-url=specified (مدد) - ↑ "Kalpana Patowary OkListen!". OkListen.
- ↑ "Folk traditions to come alive". Deccan Herald. 21 July 2015. 27 November 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Tripathi, Shailaja (16 June 2012). "On the Shakespeare of Bhojpuri". دي هندو.
- ↑ "Meet Kalpana Patowary, the Assamese 'Bhojpuri Melody Queen' from Guwahati!". دي نارٿ ايسٽ ٽوڊي. 2016-10-28. اصل نسخو مان 21 October 2016 تي محفوظ ڪيل. 30 June 2017 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: More than one of|accessdate=and|access-date=specified (مدد); More than one of|archivedate=and|archive-date=specified (مدد); More than one of|archiveurl=and|archive-url=specified (مدد) - ↑ "Kalpana Patowary had a chat with us about her musical journey!". دي اسڪور ميگزين. 2016-08-25.
- ↑ "Bhojpuri singer Kalpana Patowary joins BJP". ٽائمز آف انڊيا. 2018-07-13.
ٻاهِريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا Kalpana Patowary. |
- Articles containing انگريزي-language text
- CS1 errors: redundant parameter
- Commons link is locally defined
- Commons category wi local airtin different than on Wikidata
- 1978ع جون پيدائشون
- 20 هين صدي جا هندستاني ڳائڻا
- جيئرا ماڻهو
- ويهين صدي جون هندستاني استري ڳائڻيون
- هندستاني لوڪ راڳي
- ڀارتي ناري لوڪ گلوڪارائون
- ويهين صديءَ جون هندستاني ڳائڻيون
- ڀارتي فلمي اداڪارائون
- جيوت ماڻهو