ڪلر 1 (قمبر) ڪَلر 1

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ڪلر 1 (قمبر) کان چوريل)
ديھ ڪلر 1 (قمبر)
ديھ ڪلر 1
ديھ
Deh Kalar 1
ديھ ڪلر 1 (قمبر) is located in سنڌ
ديھ ڪلر 1 (قمبر)
ديھ ڪلر 1 (قمبر)
ديھ ڪلر 1 (قمبر) is located in Pakistan
ديھ ڪلر 1 (قمبر)
ديھ ڪلر 1 (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°36′38″N 67°55′42″E / 27.61056°N 67.92833°E / 27.61056; 67.92833مڪانيت: 27°36′38″N 67°55′42″E / 27.61056°N 67.92833°E / 27.61056; 67.92833
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 12,518


ديھ ڪلر 1(انگريزي: Deh Kalar 1) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ڪلر تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1924 کان 1937ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ واقع ڳوٺن ۾ ڳوٺ رسول بخش، ڳوٺ قائم خان، ڪورين جو ڳوٺ، ڳوٺ وليداد مغيري، ڳوٺ فضل محمد شيخ، ڳوٺ شير محمد بڙدي, ڳوٺ عبدالقادر ، ڳوٺ ڪنڊي ۽ ھڪ غيرمعروف ڳوٺ شامل ھيا. ھاڻي اتي ڪافي تبديلي اچي وئي آھي. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ وليداد مغيري، ڳوٺ صوبيدار منور منگي، ڳوٺ الله بخش مغيري، ڳوٺ روضي خان ڪٽوھر، ڳوٺ بگراڻي، ڳوٺ عبدالرحيم ڪلھوڙو، ڳوٺ قائم خان شيخ، ڳوٺ نودراڻي چانڊيا ۽ ڳوٺ دوست علي بلوچ واقع آهن.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ چچا، اوڀر ۾ ديھ لاکا، ديھ ڇڄڙا ۽ ديھ قمبر، اولھ ۾ ديھ آچا ۽ ديھ لکٽيا ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ڪلر 2 واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ديھ جو ڏاکڻو دنگ قمبر غيبي ديرو روڊ آھي. قمبر دوست علي روڊ پڻ ھن ديھ مان گذرندڙ آھي. ھن ديھ ۾ ڪلر شاخ وھي ٿي جيڪا نور واھ مان نڪري ديھ ڇڄڙا ۽ ديھ قمبر مان گذري ھن ديھ م داخل ٿئي ٿي.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 12,518 ھئي جيڪا 1,838 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]