مواد ڏانھن هلو

ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف هارٽ ڊيزيز

بيھڪ: 24°56′00″N 67°04′49″E / 24.9333333°N 067.0802778°E / 24.9333333; 067.0802778
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف هارٽ ڊيزيز
جاگرافي بيهڪ: 24°56′00″N 67°04′49″E / 24.9333333°N 067.0802778°E / 24.9333333; 067.0802778

ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف هارٽ ڊيزيز (KIHD)، ڪراچي، سنڌ،پاڪستان ۾ هڪ ٽرشري ڪيئر ٽيچنگ اسپتال آهي. هي سهر ڪراچي ۾ دل جي بيمارين جو ٻيو نمبر وڏو سرڪاري اسپتال آهي. [1] 3.6 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل 120 بسترن جي سهولت فيڊرل بي ايريا، گلبرگ ٽائون، ڪراچي ۾ واقع آهي.[2] انسٽيٽيوٽ ۾ ٻاهران مريضن جي تشخيص ۽ علاج جون سهولتون، جهڙوڪ اليڪٽرو ڪارڊيوگرافي، ايڪس ري، ايڪو ڊاپلر اسٽڊيز، اينجيوگرافي، اينجيو پلاسٽي مهيا ڪري ٿو. اتي ٻه ڪورونري ڪيئر يونٽ، هڪ 20 بيڊ ايمرجنسي هال ۽ هڪ 80 بيڊ وارڊ آهي.

جنوري 2004ع ۾ ڪراچي جو ميئر نعمت الله خان ڪراچي انسٽيٽيوٽ جو پيڙهه جو پٿر رکيو. انسٽيٽيوٽ جون 2005ع ۾ ڪم شروع ڪيو، سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڪراچي ان منصوبي تي اٽڪل 800 ملين رپيا خرچ ڪيا. مارچ 2008ع ۾، انسٽيٽيوٽ اسڪيمڪ مايوڪارڊيم جي علاج لاءِ مريضن کي اينجيوجينيسس جي نالي سان دل جي علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ شروع ڪيو. ڊسمبر 2021ع ۾، انسٽيٽيوٽ ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز جي 22 هين چيسٽ پين يونٽ جو افتتاح ڪيو ويو. آگسٽ 2022ع ۾، انسٽيٽيوٽ ۾ ريسڪيو 1122 جي ايمرجنسي رسپانس سينٽر جو افتتاح ڪيو ويو. اپريل 2023 ۾، انسٽيٽيوٽ ۾ هڪ ريسرچ ڊپارٽمينٽ جو افتتاح ڪيو ويو. مئي 2023 ۾ انسٽيٽيوٽ ۾ اينجيوگرافي مشين کي چالو ڪيو ويو. اپريل 2024ع ۾، ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن سٽي نرسنگ انسٽيٽيوٽ جو افتتاح ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ڪيو. مئي 2024 ۾، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب انسٽيٽيوٽ ۾ بليو ڪوڊ انٽيسيو ڪيئر وارڊ جو افتتاح ڪيو.

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]