مواد ڏانھن هلو

ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف هارٽ ڊيزيز

ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف هرٽ ڊيزيز
Karachi Institute of Heart Diseases
ڪراچي ادارا برائي امراض قلب
Lua error in package.lua at line 80: module 'Module:Infobox_dim/data' not found.
Coordinates: 24°56′00″N 67°04′49″E / 24.9333333°N 067.0802778°E / 24.9333333; 067.0802778
ملڪ پاڪستان
پتوايس ٽي-15، بلاڪ-16، ويجهو يو بي ايل اسپورٽس ڪمپليڪس، فيڊرل بي ايريا، ڪراچي-75950، سنڌ، پاڪستان
قيام2005ع
ايمرجنسيها
فندنگپبلڪ
بسترن جي تعداد120
سرپرستڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن
خصوصڪارڊيالاجي (دل جي بيمارين جو علاج ۽ سرجري)
ويب سائيٽhttps://www.kihd.edu.pk/

ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف هارٽ ڊيزيز (Karachi Institute of Heart Diseases)، مختصر طور تي KIHD، ڪراچي، سنڌ، پاڪستان ۾ هڪ ٽرشري ڪيئر ٽيچنگ اسپتال آهي. هي شهر ڪراچي ۾ دل جي بيمارين جو ٻيو نمبر وڏو سرڪاري اسپتال آهي. [1] 3.6 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل 120 بسترن جي سهولت فيڊرل بي ايريا، ڪراچي ۾ واقع آهي.[2] انسٽيٽيوٽ ۾ ٻاهرين مريضن جي تشخيص ۽ علاج جون سهولتون، جهڙوڪ اليڪٽروڪارڊيوگرافي، ايڪس ري، ايڪو ڊاپلر، اينجيوگرافي، اينجيو پلاسٽي مهيا ڪري ٿو. اتي ٻه ڪورونري ڪيئر يونٽ، هڪ 20 بيڊ ايمرجنسي هال ۽ هڪ 80 بيڊ وارڊ آهي.

جنوري 2004ع ۾ ڪراچي جو ميئر نعمت الله خان ڪراچي انسٽيٽيوٽ جو پيڙهه جو پٿر رکيو. انسٽيٽيوٽ جون 2005ع ۾ ڪم شروع ڪيو، سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ان منصوبي تي اٽڪل 800 ملين رپيا خرچ ڪيا. مارچ 2008ع ۾، انسٽيٽيوٽ اسڪيمڪ مايوڪارڊيم جي علاج لاءِ مريضن کي انجيوجنيس جي نالي سان دل جي علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ شروع ڪيو. ڊسمبر 2021ع ۾، انسٽيٽيوٽ ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز جي 22هين چيسٽ پين يونٽ جو افتتاح ڪيو ويو. آگسٽ 2022ع ۾، انسٽيٽيوٽ ۾ ريسڪيو 1122 جي ايمرجنسي رسپانس سينٽر جو افتتاح ڪيو ويو. اپريل 2023ع ۾، انسٽيٽيوٽ ۾ هڪ ريسرچ ڊپارٽمينٽ جو افتتاح ڪيو ويو. مئي 2023ع ۾ انسٽيٽيوٽ ۾ اينجيوگرافي مشين کي چالو ڪيو ويو. اپريل 2024ع ۾، ڪراچي ميٽروپولٽن ڪارپوريشن سٽي نرسنگ انسٽيٽيوٽ جو افتتاح ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ڪيو. مئي 2024ع ۾، ميئر ڪراچي، مرتضيٰ وهاب انسٽيٽيوٽ ۾ بليو ڪوڊ انٽيسيو ڪيئر وارڊ جو افتتاح ڪيو.

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]