مواد ڏانھن هلو

ڪاربان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪاربان

6C
Carbon
هيرو ساڄي، گريفائٽ کاٻي؛ ڪاربان جا ٻه ايلوٽروپ
هيرو ساڄي، گريفائٽ کاٻي؛ ڪاربان جا ٻه ايلوٽروپ
Official logo of ڪاربان
نشان
حالت (STP تي)سالڊ
ايٽمي انگ (Z)6
ايٽمي وزن (A)12.01
گروپ14
سيريز2
بلاڪp-block
اليڪٽران جي ترتيبHe + 2s2 2p2
اليڪٽران في شيل2, 4
ايٽمي ريڊيس77 پيڪو ميٽر (sp3)
آئيونائزيشن انرجي (ڪلو جول في مول)پهرين: 1086.5
ٻئي: 2352.6
ٽئي: 4620.5
آڪسائيڊيشن نمبرعام: −4, −3, −2, −1, 0, +1, +2, +3, +4
گھاٽائي (عام گرميء پد تي)گريفائٽ:2.266 گرام في ڪعبي سينٽي ميٽر
هيرو:3.515 گرام في ڪعبي سينٽي ميٽر
امورفس:1.8 کان 2.1 گرام في ڪعبي سينٽي ميٽر تائين
وجودشروع کان (primordial)
اليڪٽرو نيگيٽيئٽي2.55 (پالنگ اسڪيل)
حڪومت
طبيعي خاصيتون
• اُبلڻ جو نقطواُبلڻدو نه آهي
• صعود جو نقطو(3915°K) ​(3642°C
• پگھرائڻ جي حرارت117 ڪلو جول في مول (گريفائٽ)
• ٻاڦ جي حرارتاُبلڻدو نه آهي
• مولر گرميء گنجائشگريفائٽ: 8.517 جول في مول.ڪيلون
هيرو: 6.155 جول في مول.ڪيلون
صعود جو نقطو: جن گرميء پد تي ڪا ٻه شي سيڌو سالڊ کان گيس بڻجي وڃي ٿو.

ڪاربان (Carbon) ھڪ ڪيميائي تَت آھي، جن جو نشان C ۽ ايٽمي نمبر 6 آھي. اهو غير ڌاتو ۽ ٽيٽراويلينٽ آهي، يعني ان جو ائٽم ٻاهرين شيل ۾ 4 ويلنس اليڪٽرانن جي ڪري چار ڪوويلنٽ بانڊ ٺاهي سگهندو آهي. ان جو تعلق دوري جدول جي گروپ 14 (ڪاربان گروپ) سان آهي.[1] ڪاربان ڌرتيءَ جي مٿي واري پرت (Crust) جو 0.025 سيڪڙو حصو ٺاهي ٿو.[2] ھن جا ٽي آئسوٽوپس، 13C 1214C قدرتي حالت ۾ ملن ٿا، 1213Cمستحڪم آهن، جڏهن تہ 14Cهڪ ريڊيو نيوڪلائيڊ آهي، جيڪو 5,700 سال جي اڌ حياتي (Half Life) سان زوال پذير ٿئي ٿو. اها انهن ڪجهه عنصرن مان ھڪ آھي جيڪا قديم زماني کان وٺي سڃاتل آھن.[3]

ڪاربان جي علامت، ان جو ايٽمي نمبر ۽ ايٽمي مايو

ڪاربان جا ائٽم مختلف طريقن سان پاڻ ۾ ڳنڍجي سگهن ٿا، نتيجي ۾ ڪاربان جا مختلف الوٽروپس (Allotropes) ٿين ٿا. سڃاتل الوٽروپس ۾، گراڦائٽ، هيرا، بي شڪل (Amorphous) ڪاربن ۽ فلرينس (Bucky Ball) شامل آهن. ڪاربان تت جون طبيعي خاصيتون الوٽروپڪ فارمن جي ڪري وڏي پيماني تي مختلف آهن. مثال طور، گرافائٽ غيرشفاف ۽ ڪاري رنگ جو هوندو آهي، هيرو انتھائي شفاف ۽ سخت هوندو آهي، جڏهن ته گريفائٽ ايترو نرم هوندو آهي ته ڪاغذ تي لڪير ٺاهي سگهي ٿو، هنڪري ان جو نالو، يوناني فعل "گرافيئن" (γράφειν) مان آھي، جنھن جو مطلب آهي "لکڻ"، جڏهن تہ هيرو قدرتي طور تي معلوم ٿيل سڀ شيئن کان سخت هوندو آهي. گريفائيٽ هڪ سٺو برقي موصل آهي جڏهن تہ هيرن جي برقي چالکائي (electrical conductivity) تمام گھٽ آهي. عام حالتن ۾، هيرا، ڪاربان نينو ٽيوب ۽ گرافائٽ سڀني سڃاتل مواد جي سڀ کان وڌيڪ حرارتي چالکائي (thermal conductivity) وارا آهن. سڀ ڪاربان ايلوٽروپس عام حالتن ۾ ٺوس هوندا آهن، گريفائٽ معياري گرمي پد ۽ دٻاءَ تي سڀ کان وڌيڪ حر حرڪياتي (thermodynamically) طور تي مستحڪم فارم آهي. اها ڪيميائي مزاحمت ڪندڙ آهي، ايتري تائين جو آڪسيجن سان رد عمل ڪرڻ لاءِ پڻ اعلي گرمي پد جي ضرورت هوندي آهي.

پڻ ڏسو

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:Periodic table (navbox) سانچو:Allotropes of carbon سانچو:Carbon compounds سانچو:ChemicalBondsToCarbon

حوالا

[سنواريو]
  1. "carbon | Facts, Uses, & Properties". Encyclopedia Britannica (انگريزي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 2017-10-24 تي محفوظ ڪيل.
  2. "carbon". Britannica encyclopedia. 22 February 2024.
  3. "History of Carbon". اصل نسخو مان 2012-11-01 تي محفوظ ڪيل. 2013-01-10 تي حاصل ڪيل.