کلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
کَلِي

کَلِي(انگريزي:Khallee) کل مان جڙڻ ڪري سڏجي ٿي. عام طور مالوند ۽ جابلو ماڻهو پاڻي لاءِ ڪم آڻيندا آهن. کلي جو پاڻي نهايت ٿڌو ٿيندو آهي. اڄ بہ پاڪستان جي صوبي سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻهراڙين ۾ کلي پاڻي لاءِ استعمال ٿئي ٿي.[1]

بناوت[سنواريو]

کلي حلال جانور خاص طور رڍ، ٻڪري وغيره جي کل منجهان ٺاهي ويندي آهي. اول جانور جي کل سُڪائي ويندي آهي تہ جيئن بدبوءِ ختم ٿئي. پوءِ ان کل جا وار ختم ڪري ان کي پاڻي ۾ آلو ڪري کلي جوڙي ويندي آهي.

حوالا[سنواريو]