مواد ڏانھن هلو

ڊاڪٽر عابد مظهر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاڪٽر عابد مظهر
اصلي نالو
ڊاڪٽر عابد مظهر
ڄمڻ1951ع
سيوھڻ, ڄامشورو, سنڌ, پاڪستان
پيشوليکڪ
قوميتپاڪستاني
مادرِ علمڪراچي يونيورسٽي

ڊاڪٽر عابد مظهر[1] جو اصل نالو سيد محمد عابد شاهه، والد جو نالو غلام مصطفيٰ شاهه (مظهر سيوهاڻي) آهي. سندس جنم ڳوٺ باجارا تعقلي سيوهڻ شريف ۾ 1951ع تي ٿيو. ادبي نالو عابد مظهر اٿس.ڪراچي يونيورسٽي مان “شاهه لطيف جي دور ۾ تصوف جا سلسلا” جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. پاڻ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪيترائي سال سنڌي سبجيڪٽ پڙهائيندو رهيو آهي. ۽ آخري سالن ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي، سنڌي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين پڻ رهيو ۽ اتان ئي تازو رٽائرمنٽ ڪئي اٿس.

لکڻ جي شروعات

[سنواريو]

لکڻ جي شروعات 1976ع کان ڪيائين. پاڻ مختلف صنفن ۾ لکي چڪو آهي. 1976ع کان ڪيائين. پاڻ مختلف صنفن ۾ لکي چڪو آهي.

ڇپيل ڪتاب

[سنواريو]
  • پکا ۽ پيرون (مضمونن جو ڪتاب)
  • گم ٿيل محبتون (ڪهاڻيون)
  • وڇوڙي جو آٽو گراف (شاعري)
  • شاهه لطيف جي دور ۾ تصوف جا سلسلا (پي ايڇ ڊي)

حوالا

[سنواريو]
  1. "ڊاڪٽر عابد مظهر (ولادت 1951ع) - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون (تحقيق) (مير حاجن مير)". SindhSalamat Kitab Ghar. 2021-08-02 تي حاصل ڪيل.