ڊاڪٽر عابد مظهر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاڪٽر عابد مظهر
مقامي ٻوليء ۾ نالو ڊاڪٽر عابد مظهر
پيدائش 1951ع
سيوھڻ, ڄامشورو, سنڌ, پاڪستان
ڌنڌو ليکڪ
قوميت پاڪستاني
مادرِ علمي ڪراچي يونيورسٽي

ڊاڪٽر عابد مظهر[1] جو اصل نالو سيد محمد عابد شاهه، والد جو نالو غلام مصطفيٰ شاهه (مظهر سيوهاڻي) آهي. سندس جنم ڳوٺ باجارا تعقلي سيوهڻ شريف ۾ 1951ع تي ٿيو. ادبي نالو عابد مظهر اٿس.ڪراچي يونيورسٽي مان “شاهه لطيف جي دور ۾ تصوف جا سلسلا” جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. پاڻ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪيترائي سال سنڌي سبجيڪٽ پڙهائيندو رهيو آهي. ۽ آخري سالن ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي، سنڌي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين پڻ رهيو ۽ اتان ئي تازو رٽائرمنٽ ڪئي اٿس.

لکڻ جي شروعات[سنواريو]

لکڻ جي شروعات 1976ع کان ڪيائين. پاڻ مختلف صنفن ۾ لکي چڪو آهي. 1976ع کان ڪيائين. پاڻ مختلف صنفن ۾ لکي چڪو آهي.

ڇپيل ڪتاب[سنواريو]

  • پکا ۽ پيرون (مضمونن جو ڪتاب)
  • گم ٿيل محبتون (ڪهاڻيون)
  • وڇوڙي جو آٽو گراف (شاعري)
  • شاهه لطيف جي دور ۾ تصوف جا سلسلا (پي ايڇ ڊي)

حوالا[سنواريو]

  1. "ڊاڪٽر عابد مظهر (ولادت 1951ع) - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون (تحقيق) (مير حاجن مير)". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-08-02.