ڇاپخانو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڇاپخانو __(Printing press):

اها جڳهه، جتي مشين يا ڪمپيوٽر وسيلي ڪتابن ، اخبارن ، رسالن، پمفليٽ ، ڪارڊن ۽ ٻئي هر قسم جي مواد جي ڇپائي ٿيندي هجي. قديم تهذيب ۾ هٿ سان لکت جا اهڃاڻ مصر ۽ چين ۾ ملن ٿا، جيڪي ڪاريگرن جي هٿ جي ڇپائيءَ جو بهترين مثال آهن.يورپ ۽ هندستان ۾ ڪپڙن جي ٽڪرن تي مليل لکتون به آڳاٽي اشاعت جو اهڃاڻ آهن. ڪاغذ تي ڇپائيءَ جا مؤجد يورپ وارا آهن، يورپ ۾ سجاڳيءَ واري دور (Renaissace) ۾ ڇپائيءَ جون مشينون ايجاد ٿي چڪيون هيون. گڏيل هندستان ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ اشاعتي ادارا برڀا ڪري، ڇاپخانا جوڙيا. سنڌ ۾ سنڌيالف-ب جي سرڪاري منظوريءَ کان پوءِ ليٿوگرافڪ پرنٽنگ پريسون قائم ٿيون ،جنھن سان سنڌي ڪتابن جي ڇپائڻ جو سلسلو شروع ٿيو. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي