مواد ڏانھن هلو

چڪوري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
چڪوري Chakori
پيدائشچڪوري بيگم
حيدرآباد
پيشوفلم ناٽڪڻ (اداڪارڻ)
سَرگَرمُ سالَ1960
جيون ساٿيمشتاق چنگيزي

چڪوري (اداڪـاره) سـنڌي، پـنجـابـي ۽ اردو فـلمـن جي مشهور اداڪاره، پورو نالو چڪوري بيگم، 1960ع ڌاري حيدرآباد جي مشهور رقاصه ثريا جي گهر ڄائي.[1] سندس خاندان موجب هيءَ گجرات ۾ ڄائي هئي[2]

مادري ٻولي

[سنواريو]

سندس مادري زبان پنجابي هئي.

پهرين فلم

[سنواريو]

محموب مٺا چڪوري جي پهرئين فلم هئي ’محبوب مِٺا‘ جيڪا 1971ع ۾ ٺهي.[3][4] جنهن جو فلمساز جي. ايس. گورچاڻي ۽ هدايتڪار اي. ڪيُو. پيرزادو هو. هن فلم ۾ سائيڊ هيروئن جو ڪردار ادا ڪيو هو.

گھرو زندگي

[سنواريو]

بابو ڀائيءَ جي فلم ’پيار تان صدقي‘ دوران سندس ملاقات مشتاق چنگيزيءَ سان ٿي ۽ پنهنجي ماءُ ثريا جي مخالفت جي باوجود عدالتي پرڻو ڪيائين. جڏهن هي جوڙو لاهور ويو، ته ڪجهه عرصي بعد سندن علحدگي ٿي وئي. چڪوريءَ جي ٻي شادي هدايتڪار ڪيفي سان ٿي.

فلمون

[سنواريو]

هن جون سنڌي فلمون: ’جيجل ماءُ‘، ’پيار ڪيو سينگار‘، ’سوڍا پُٽ سنڌ جا‘، ’منهنجو پيار پُڪاري‘، ’سنڌڙيءَ تان صدقي‘، ’اچ ته ڀاڪر پايون‘[5] ۽ ’رت ۽ اجرڪ‘[6] مشهور ٿيون. سندس اردو ۽ پنجابي فلمن ۾: ’مولا جٽ‘، ’هيرا ڦيري‘، ’ڪونج‘، ’ٽڪراءُ‘، ’دنگل‘، ’پرمٽ‘، ’بدمعاشي بندا‘ وغيره ڪامياب فلمون ڳڻي سگهجن ٿيون. جن اداڪارن سان هن ڪم ڪيو، تن ۾: مشتاق چنگيزي، ڪيفي، سلطان راهي، مصطفيٰ قريشي، بدر منير، شاهد، محمد علي، يوسف خان، محي الدين، انجمن، صائمه، راني، آسيه، نغمه ۽ عاليه خان اچي وڃن ٿا.

وفات

[سنواريو]

چڪوري، 2 نومبر 2010ع تي لاهور ۾ گذاري وئي ۽ اتي ئي دفن ٿيل آهي.[7]

حوالو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "چڪوري : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. 2020-01-12 تي حاصل ڪيل.
  2. Newspaper, From the (2010-11-03). "Career highlights of film star Chakori". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2020-01-11 تي حاصل ڪيل.
  3. Newspaper, From the (2010-11-03). "Career highlights of film star Chakori". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2020-01-11 تي حاصل ڪيل.
  4. "Pakistan Movie Database". www.pakmdb.com. 2020-01-11 تي حاصل ڪيل.
  5. "اچ ته ڀاڪر پايون : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. 2020-01-12 تي حاصل ڪيل.
  6. "رت ۽ اجرڪ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. 2020-01-12 تي حاصل ڪيل.
  7. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012