سنڌ ندي
ڏيک
- سنڌو درياھ سان ڀُل نه ڀائنجو.
انڊيا ۾ ساوا ماڌوپور جي مقام تان سنڌ نديءَ جو منظر
سنڌ ندي(انگريزي: Sindh River ) جمنا ندي جي ھڪ شاخ جو نالو جيڪا مڌيا پرديش کان وھي اتر پرديش داخل ٿي جمنا ندي سان ملي ٿي. ھن ندي جي شروعات مڌيا پرديش جي اتر ۽ اتر اوڀر ۾ وديشا ضلعي ۾ مالوا جي زميني ميدان مان ٿئي ٿي ۽ اھا مڌيا پرديش جي گونا، اشوڪ نگر شوپوري، داتيا، گواليار، ڀنڊ ضلعن مان وھي اتر پرديش جي جالائون ضلعي ۾ جمنا ندي ۾ چمبل ندي واري سنگم لڳ ڇوڙ ڪري ٿي.ھن ندي جي ڊيگھ 470 ڪلوميٽر آهي جنھن مان 461 ڪلوميٽر مڌيا پرديش ۾ ۽ 9 ڪلوميٽر اتر پرديش ۾ آهي.[1]
![]()
جمنا ندي۽ ان جون سنڌ ندي سميت شاخون
ھن ندي تي شوپوري ضلعي ۾ ھڪ ڊيم پڻ اڏيل آھي جنھن جو نالو مانکيدا ڊيم آهي. [2]
حوالا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "A Watershed" (PDF). Envis Madhya Pradesh. اصل نسخو (PDF) مان 2011-07-21 تي محفوظ ڪيل. 2010-07-07 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "The Damaging Floods" (PDF). p. 9. Dams. Rivers and People. اصل نسخو (PDF) مان 5 نومبر 2009 تي محفوظ ڪيل. 11 جُولاءِ 2010 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)