چانهہ

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

چانهه دنيا جي وڻندڙ مشروب آهي. هي چانهه جي پنن کي ڪجھ منٽ گرم پاڻي ۾ اٻارڻ سان تيار ٿيندي آهي. پوء ان ۾ ضرورت ۽ خواهش جي موجب کنڊ ۽ کير ملايو ويندو آهي.

پهريائين چانهه عام نه هئي. سنڌ ۾ ته سئو ٻه سئو سال پهريائين ڪنهن ”چانهه“ جو نالو ئي ڪونه ٻڌو هو. ڪنهن زماني ۾”چانهه“ شاهي محلن، وزيرن ۽ وڏن وڏن ڪامورن وٽ استعمال ٿيندي رهي. ان درجي جا ماڻهو ذهني ۽ جسماني ٿڪاوٽ گهٽائڻ لاءِ ۽ دماغ جي وقتي ٿڪاوٽ هٽائڻ لاءِ يا ان کي تازگي ڏيڻ لاءِ چانهه جي ڪوپ کي استعمال ڪندا هئا. يعني چانهه کي ڪاڙهي پيئندا هئا. هاڻي ته واهڻن ۽ وستين ۾، ٿرن ۽ برن ۾، جبلن ۽ ٻيلن ۾، ديرن ۽ دنين ۾، روڊن ۽ رستن تي، گهرن ۽ اوطاقن ۾، ڇنن ۽ ڇپرن ۾، رڳو چانهه ئي چانهه آهي. ٻھراڙين ۾ ته اڄڪلهه اوطاقن بدران هوٽلون کلن ٿيون. جتي ٻه گهر آهن ته ٽئين هوٽل آهي. مکڻ، ماکين، کير ۽ ڏڌ جي جاءِ چانهه والاري آهي. [1]

چانهه ۾ ڪيفين جي موجودگي پيئڻ واري کي تازو ڪري ڇڏيندي آهي.

چانهه ۽ انجو انگريزي ”ٽي“ (Tea)، ٻئي چيني ٻولي جا لفظ آهن.

چانهه جي ٻوٽي جي اصل وطن ۾ اوڀر چين، ڏکڻ اوڀر چين، ميانمار ۽ ڀارت جو علائقو آسام شامل آهن.

ڪاڙهو چانهه

چانهه جا قسم[سنواريو]

  • اڇي چانهه
  • ڦڪي چانهه
  • سائي چانهه
  • اولانگ
  • ڪاڙهو چانهه
  • ڪشميري چانهه

چانهه جي پيداوار[سنواريو]

2003 ۾ دنيا ۾ چانهه جي پيداوار 3.15 ملين ٽن سالانه هئي. سڀ کان وڌيڪ پوک ڪندڙ ملڪ ڀارت هيو، ٻيو چين، ڪينيا ٽيون ۽ سريلنڪا چوٿين نمبر تي هيو.

2003 جو پيداوار سيڪڙو     چانهه جي پيداوار قابل ذڪر نه آهي       5%. کان گھٽ       5 تا 10%.       10% کان وڌيڪ

چانهه بابت ڏندڪٿائون[سنواريو]

ٻڌمت يعني گوتم ٻڌ جي پوئلڳن جي به چانهه بابت اها ڏند ڪٿا آهي ته سندن هڪ ”ڀڪشو“ (ٻڌمت وارا پنھنجي مذهبي وڏي عالم يا بزرگ کي ”ڀڪشو“ چوندا آهن.) تبت ۾ مراقبي ۾ ويٺو هو (تبت، چين ۽ هندستان جو سرحدي علائقو آهي. تبت ٻڌمت وارن جو مقدس علائقو ۽ مذهبي مرڪز آهي. جتي ٻڌمت جو سڀ کان وڏو مذهبي پيشوا ”دلائي لاما“ رهندو آهي.) هن جڏهن پھريون دم کنيوته هن کي ڪابه حيران ڪندڙ تبديلي ڏسڻ ۾ ڪونه آئي. وري ٻيو ڀيرو مراقبي ۾ ويٺو پر ڪوبه نتيجو ڪونه نڪتو. وري هن ٽيون ڀيرو ساهه روڪيو وري به جڏهن واپس موٽيو ته هن کي وري به ڪا تبديلي نظر نه آئي. اتي هن جوش ۾ اچي پنھنجي اکين جا پنبڻ ڪٽي اڇلي ڇڏيا. ڀڪشو هڪ سال کانپوءِ جڏهن حواسن جي دنيا ۾ موٽي آيو، تڏهن هن ڏٺو ته جتي هن اکين جا پنبڻ ڪٽي اڇليا هئا، اتي خوشبودار ٻوٽا ڦٽل هئا. جن مان دل کي ڇڏيندڙ هڳاءُ ۽ سڳند اچي رهي هئي. اهو ٻوٽو ان ڏندڪٿا موجب چانهه جو ٻوٽو هو. ٻڌمت وارن جي ان قصي ۾ ڪيتري سچائي آهي سان هڪ الڳ ڳالهه آهي.

چانهه جي تواريخ[سنواريو]

چانهه جي شروعات ساڍا چار هزار سال اڳ چين کان شھنشاهه ”شاه نگ“ جي دور کان ٿي هئي. جنھن کي جپان ۾ آڻڻ جو سھرو ٻوڌي ڀڪشوئن جي سِرَ تي سونھي ٿو. جيڪي مراقبي دوران ننڊ کي ڦٽائڻ لاءِ چانهه جو استعمال ڪندا هئا. چانهه کي دوا يا شربت طور مقبوليت ڏيارڻ ۾ به انھن ٻوڌي ڀڪشوئن جو ئي وڏو هٿ هو. ڇو ته چانهه جي خصوصيت کي پهريائين انھن ئي سمجهيو هو.

”چانهه“ لفظ چيني زبان جي لفظ چاءِ (Cha) مان نڪتل آهي، جيڪو چين جي علاقائي ٻوليءَ جي لفظ “Tay” مان ورتل آهي. چين مان اهو لفظ جپان پهتو. جتان سفر ڪندو، پنھنجي سَرهاڻ پکڙيندو، هندستان ۽ ايران آيو ۽ اتان وري روس ڏانھن رخ رکيائين. سترهين صدي عيسويءَ ۾ پورچوگيز جھاز دانن ان چانهه کي اوڀر کان وٺي يورپ تائين پهچايو.

تاريخ نويسن جو چوڻ آهي ته يورپ چانهه لاءِ لفظ “Tea” 1660ع ۾ آيو. جيتوڻيڪ 18 صديءَ جي اڌ تائين پڻ لفظ “Tay” هلندو رهندو هو.

چانهه جي پوک[سنواريو]

چانهه جي باقاعده پوک ڇهين صدي عيسوي ڌاري چين ۾ شروع ڪئي وئي. چانهه جي پوکائي ۽ ان جو چونڊو ڪرڻ نھايت نازڪ ڪم آهي. جنھن کي ڏاڍي احتياط ۽ خبرداريءَ سان ڪيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته ٻوٽي جون تازيون تازيون ڪونپليون ۽ نرم نرم پن چانهه جي پتي ٺاهڻ جي ڪم ايندا آهن. پراڻن پنن مان چانهه ٺهي نه سگهندي اهي. ٻوٽي مان ڪونپليون ۽ پن ڏهن ڏينھن ۾ هڪ ڀيرو پٽيا ويندا آهن.


چانهه جو سائنسي نالو[سنواريو]

”چانهه“ اصل ۾ “Camellia sinesis” نالي هڪ ٻوٽي جي پنن مان ٺهي ٿي.


چانهه جي عوامي مقبوليت[سنواريو]

17 صديءَ ۾ يورپ اندر چانهه عوامي مقبوليت حاصل ڪري چڪي هئي. هندستان ۾ انگريزن جي اچڻ وقت چانهه کي فقط دوا طور استعمال ڪيو ويندو هو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارن سرڪاري ۽ دوستاڻين گڏجاڻين ۽ محفلن ۾ چانهه کي مشروبات طور پڻ استعمال ڪيو. چانهه کي عوامي سطح تي مقبوليت ڏيارڻ ۾ هڪ انگريز واپاري ”ٿامس لپٽن“ جو وڏو هٿ آهي. لپٽن 1880ع تائين عام دڪاندار هو پر، پوءِ هن چانهه جو واپار شروع ڪري عالمي شھرت حاصل ڪئي. اڄ به لپٽن نالي واري چانهه ڪمپين جو شمار دنيا جي تمام وڏين ڪمپنين ۾ ٿئي ٿو. تيز رفتار زندگيءَ سان گڏ هلڻ لاءِ چانهه جي ڪمپنين سھولت خاطر ”ٽي بيگز“ ۽ ”بوائل او بيگز“ به اندا آهن.


چانهه جي امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ[سنواريو]

برطانيا دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ چانهه درآمد (Import) ڪندڙ ملڪ آهي. سال 1990ع ۾ برطانيه جي انگريزن 141894 ميٽرڪ ٽن چانهه واپرائي. جڏهن ته ٻئي طرف آمريڪا 76946 ميٽرڪ ٽن چانهه هضم ڪئي. 1990ع ۾ پاڪستان هڪ لک چار هزار 104000 هزار ميٽرڪ ٽن چانهه درآمد ڪئي.

هندستان دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ چانهه پيدا ڪندڙ ملڪ آهي. هندستان ۾ 1997ع ۾ 800 ملين ڪلوگرام چانهه اپائي وتي. جنھن مان 162.86 ملين ڪلوگرام چانهه برآمد ڪئي وئي. دنيا ۾ گهڻي کان گهڻي چانهه درآمد ڪندڙ ملڪ ”سِري لنڪا“ آهي. معيار جي لحاظ کان ڪينيا جي چانهه دنيا ۾ پھرين نمبر تي آهي.

چانهه جا قسم[سنواريو]

مارڪيٽ ۾ چانهه جي پتيءَ جا عام طور تي ٻه قسم وڪامجن ٿا. هڪ ”ڊسٽ“ ۽ ٻي ”داڻي دار“. داڻيدار چانهه قيمت ۽ ڪوالٽيءَ ۾ ڪجهه قدر وڌيڪ هوندي آهي.

چانهه جي فرمينٽيشن[سنواريو]

چانهه هڪ خاص قسم جي ٻوٽي جي پنکڙين ۽ پنن کي ٽوڙي انھن کي هڪ پراسيس مان گذاري تيار ڪئي ويندي آهي. چانهه جي پنن کي پتيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن. جن مان هڪ قديم طريقو آهي، جنھن تحت چانهه جي ٻوٽي جي پنن کي سڪائي سادو قھوو تيار ڪيو ويندو آهي. هن دور ۾ اهو طريقو نه هئڻ جي برابر آهي. يا وري تمام گهٽ پيماني تي. اڄڪلهه چانهه جي تياري جديد سائنسي طريقن سان ڪئي وڃي ٿي. ان طريقي کي سي.ٽي.سي طريقو سڏيو ويندو آهي.

انھن پنن کي مشينن ۾ رول ڪيو ويندو آهي. ان عمل دوران نڪرندڙ رس پن پنھنجي اندر جذب ڪري وٺندا آهن. ان کانپوءِ ٻن کان اٺن ڪلاڪن تائين انھن پنن کي 40 درجا سينٽي گريڊ واري گرمي پد تي رکيو ويندو آهي. ان عمل کي فرمينٽيشن چئبو آهي. ان عمل سان چاهه ۾ خوشبوءِ پيدا ٿيندي آهي.

چانهه جي پراسيس جو سي. ٽي. شي طريقو[سنواريو]

سي.ٽي.سي طريقي سان تيار ٿيندڙ چانهه داڻيدار هوندي آهي. هئي چانهه خوشبوءِ ۽ ذائقي جي لحاظ کان اعلى ڪوالٽيءَ جي چانهه آهي. پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو چانهه داڻيدار درآمد ڪئي ويندي آهي. اها چانهه خاص ڪري ڪينيا، انڊونيشيا، بنگلاديش، تنزانيه، ملاوي، روانڊا ۽ برونڊيءَ مان گهرائي ويندي آهي. ان کان سواءِ اورينج پيڪو، پيڪو، بروڪن اورينج پيڪو، فين انگ، ڊسٽ اورينج پيڪو چانهه ۾ پيڪو نالي وڻ جا پن شامل ڪيا ويندا آهن. جنھن سان چانهه جي سَرهڻ ۾ اضافو ٿيندو آهي

پاڪستان ۽ چانهه[سنواريو]

پاڪستان دنيا جو ٻيو نمبر وڏو چانهه جو امپورٽر (خريدار) آهي. هڪ اندازي موجب پاڪستاني هڪ سال ۾ اٽڪل هڪ لک پنجاهه هزار ٽن چانهه واپرائن ٿا. اهڙيءَ طرح پاڪستان جو هر شھري سراسري طور تي ساليانو ڏيڍ ڪلو گرام چانهه واپرائي ٿو. اهو مقدار هندستان جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو ۽ بنگلاديش جي ڀيٽ ۾ پنجوڻو آهي. پاڪستان 96 سيڪڙو ڪاري پتيءَ واري چانهه ۽ 4 سيڪڙو سائي چانهه گهرائيندو آهي. ماهرن جو خيال آهي ته پاڪستان ۾ سن 2000ع تائين چانهه جي کپ هڪ لک 65 هزار ٽن آهي. پاڪستان ٽِي ايسوسيئيشن وارن مطابق پاڪستان 1994ع ۾ هڪ لک چار سئو پنجونجاهه ٽن چانهه درآمد ڪئي، جنھن مان 70 سيڪڙو چانهه ڪينيا مان خريد ڪئي وئي. سال 1997ع ۾ پاڪستان 240 ملين ڊالرن جي چانهه خريد ڪئي، انگن اکرن موجب فقط 97ع واري ماچر مھيني ۾ 12 ملين ڊالرن جي 7222 ٽن چانهه درآمد ڪئي وئي. سال 1998ع ۾ اها چانهه وڌي 11709 ٽن ٿي ويئي. جنھن جي ماليت 29 ملين ڊالر آهي. پاڪستان ۾ هر سال چانهه جي درآمدات ۾ 9 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي. پاڪستاني ساليانو اٺن کان ڏهن اربن رپين جي چانهه واپرائيندا آهن، جنھن ۾ ڏينھون ڏينھن واڌارو ٿي رهيو آهي. انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ سال 1970ع کان مارچ 1997ع تائين 74 ارب 89 ڪروڙ چاليهه لک رپين جي چانهه درآمد ڪئي وئي.

چانهن جي پيداوار ۽ کپت[سنواريو]

دنيا جي 37 ننڍن وڏن ملڪن ۾ هر سال 2.6 بلين ڪلوگرام چانهه جي پيداوار ٿئي ٿي، انھن ملڪن ۾ هندستان، سري لنڪا، انڊونيشيا، ويٽنام، هانگ ڪانگ، ايران، ڪينيا، روانڊا، تنزانيه، يوگنڊا، برازيل، ارجنٽائن، برونائي، برما، دبئي، جرمني، گهانا، آمريڪا، روس، سينگاپور، ملائيشيا، سوئيزر لينڊ، برطانيه، ٿائيلينڊ، تائيوان، گوئٽي مالا، هيٽي، ڏکڻ آفريڪا، جپان، ملاوي، ماريشس، نيدر لينڊ، رومانيه، ترڪي ۽ موزمبيق، نيپال ۽ چين شامل آهن. انھن ملڪن مان حاصل ٿيندڙ پيداواري واپار ۾ ڪيترائي ملڪ حصيدار آهن. ليڪن انھن ۾ هندستان، سريلنڪا، ڪينيا، بنگلاديش ۽ چين جي منڊين جو مقام ٻين سڀني کان مٿانهون آهي. هندستان پنھنجي چانهه جي ڪل پيداوار جو 70-سيڪڙو پنھنجي ملڪ اندر استعمال ڪري ٿو. سِري لنڪا ۽ بنگلاديش ۾ پنھنجي چانهه جي پيداوار جو فقط 15 سيڪڙو ملڪ اندر استعمال ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته باقي 85 سيڪڙو چانهه برآمد ڪئي وڃي ٿي. [2] [3]

حوالا[سنواريو]

  1. سماج ۽ ادب جو سفر، سرور منگي
  2. http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=412#21282
  3. ڪتاب: سماج ۽ ادب جو سفر، ليکڪ: سرور منگي