ڄڃ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانھن هلو

ثقافتي روايتن ۾ شاديءَ جون رسمون به اهميت رکن ٿيون، جن ۾ گهوٽيتن طرفان ’ڄڃ‘ جي صورت ۾ مائٽن، عزيزن، قريبن، دوستن ۽ احبابن کي ڪوٺيو ويندو آهي. انهن آيل ماڻهن کي ’ڄاڃي‘ چيو ويندو آهي. اڳ ۾ اڪثر ڪري سنڌي سماج ۾ شاديءَ جي وقت تي گهوٽيتن جي ڄڃ، ڪنواريتن وٽ ڪجهه ڏينهن اڳ اچي ترسندي هئي، پر هاڻي اهو رواج گهٽجي ويو آهي. گهوٽ ڪنوار جي وهانءُ جون رسمون به ڄاڃين جي موجودگيءَ ۾ ادا ڪيون وينديون آهن. انهيءَ دوران گهوٽ توڙي ڪنوار جي مائٽن جي وچ ۾ ميٺ محبت ۽ ڏُک سُور ونڊڻ وارو ماحول پيدا ٿئي ٿو. ڄڃ پهچڻ وقت ڪنواريتن طرفان دلچسپ ساٺ سنؤڻ ۽ ريتون به ڪيون وينديون آهن، جيئن ٻهراڙين ۾ ڪنواريتا تيستائين گهوٽيتن کي اندر اچڻ نه ڏيندا، جيستائين ڀوڳ چرچن ۾ سندن ڪي ڳالهيون نه مڃيون وڃن. ڪنوار جون ڀينر يا ساهيڙيون گهوٽ سان اهڙا ڀوڳ يا حجتون ڪنديون آهن، جيئن کانئس پئسا گهُرڻ يا سندس ڪا قيمتي شيءَ ڦٻائڻ وغيره. هي سڀ تفريح لاءِ ڪيو وڃي ٿو.

ڄڃ جي سواري[سنواريو]

ڄڃ پراڻي دؤر ۾ پيادل يا اُٺن جي سواريءَ يا ڏاند گاڏين ذريعي ڪنواريتن تائين پهچندي هئي. ان بعد گهوڙي، بگيءَ ۽ هن دؤر ۾ جيڪڏهن ڪنوار جو گهر ڪنهن ٻئي شهر يا ڳوٺ ۾ هوندو آهي ته اتي گاڏين موٽرن ذريعي ڄڃ مختصر وقت اندر پهچي ٿي. ڄڃ سان ايندڙ عورتون سهرا يا ڳيچ ڳائيندي، تاڙيون وڄائيندي خوشيءَ جي جذبن سان اچي پهچن، ته وري ڪنواريتن جي اڱڻ تي گهوٽيتا دهل شرنائيءَ تي ناچ/ جهمر ذريعي خوشيءَ جو اظهار ڪن.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012